Book Name:Faizan e Imam e Azam
پيارا اسلامي ڀائرو! سِراجُ الاُمَّه (يعني اُمّت جا روشن سج)، اِمَامُ الاَئِمَّہ (يعني امامن جا امام)، حضرت امامِ اعظم ابو حنيفہرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جو* نالو مبارڪ: نعمان*سندن والد گرامي جو نالو: ثابِت جڏهن ته *ڪنيت: ابوحنيفہ آهي، اهڙي طرح پورو نالو: ابو حنيفہ نعمان بن ثابت آهي. * حضرت امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ 70 هجري ۾ عراق جي مشهور شهر ڪوفي ۾ پيدا ٿيا ۽ 80 سالن جي عمر ۾ 2 شعبان 150 هجري تي وفات ڪئي. سندن مزار مبارڪ بغداد شريف ۾ موجود آهي ([1])
امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جو شان بيان ڪندي لکن ٿا...:
ہو نائبِ سرورِ دو عالم، اِمامِ اعظم ابوحنیفہ! سراجِ اُمّت فقیہِ اَفخم، اِمامِ اعظم ابو حنیفہ!
ہے نام نُعمان ابنِ ثابِت، ابو حنیفہ ہے ان کی کنیت پکارتا ہے یہ کہہ کے عالم، اِمامِ اعظم ابوحنیفہ!([2])
سمجھاڻي: حضرت امامِ اعظم ابو حنيفہرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ علم ۽ حڪمت ۾ نائبِ رسول آهن، اُمّت لاءِ روشن سج ۽ انتهائي ماهر مفتي ۽ عالمِ دين آهن.
هر نماز کان پوءِ دعا ڪندا ڪيو!
علامه خطيب تَبۡريزيرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ لکن ٿا: تصوف ۽ طريقت جي امامن جو فرمان آهي ته مسلمانن تي لازم آهي ته پنهنجي نماز کان پوءِ امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ لاءِ دعائون ڪندا ڪن، ڇاڪاڻ ته امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ اها عظيم هستي آهن جنهن اُمّت جي خيرخواهي ڪندي سنت ۽ علمِ فقه جي حفاظت فرمائي. ([3])