Book Name:Faizan e Imam e Azam
وارن لاءِ سڄي سال جو اناج جمع ڪري ڇڏيو. ([1])
هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ مشہور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جو بيان آهي، ان جو خلاصو آهي ته هي يعني سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جو سڄي سال لاءِ اناج جمع ڪرڻ، بنو نُضَيْر جو قلعو فتح ٿيڻ کان پوءِ جو واقعو آهي. هي پڻ خيال رکو ته حضور، جانِ ڪائنات صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جيتوڻيڪ سڄي سال جو اناج جمع ڪندا هئا پر پاڪ بيبيون گهڻو صدقو ۽ خيرات ڪنديون هيون، سڄي سال جو اناج جلد ختم ٿي ويندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن حالت فاقن تائين به پهچي ويندي هئي. ([2])
بھوکے رہتے تھے خود اوروں کو کھلا دیتے تھے کیسے صابِر تھے مُحَمَّد کے گھرانے والے
رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو سڄي سال جو اناج جمع ڪرڻ، ان لاءِ هو ته اهو عمل امت جي حق ۾ سُنّت بڻجي وڃي، نه ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جا گهر وارا دل جا ڪمزور نه هئا (بلڪه اهي حضرات الله پاڪ تي مڪمل ڀروسو رکندا هئا). ([3])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتةالمدينه جي بہارِ شريعت جلد:3، حصو:16، ۽ اميرِ اہلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن وارو رسالو "550 سنتون ۽ آداب" خريد ڪري پڙهو، سنتون سکڻ جو بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان سنتن ڀرپور سفر پڻ آهي.
اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو