Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

المدينه طرفان امام اعظم جي وصيتن واري رسالي ۾ شايع ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ حضرت محدِّث اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحبرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي سيرت  مبارڪ تي مشتمل رسالو ”فيضانِ محدّث اعظم“ پڻ شايع ڪيو ويو آهي. اهي ٻئي رسالا مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 17 رپيا ۽ 14 رپيا ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿا، پاڻ به مطالعو ڪيو، ٻين کي به ان جي پڙهڻ جي ترغيب ڏيو.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي، سُنّت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”گهر وارن تي خرچ ڪرڻ سُنَّتِ مصطفى آهي

2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): قيامت جي ڏينهن ميزانِ عمل تي سڀ کان پهرين ٻانهي جو پنهنجي گهر وارن تي خرچ ڪيل مال رکيو ويندو. ([2])     (2): جيڪو ثواب جي نيت سان پنهنجي گهر وارن تي خرچ  ڪندو آهي، اهو ان جي لاءِ صدقو آهي. ([3]) 

اي عاشقانِ رسول! گهر وارن تي خرچ ڪرڻ سُنّتِ مصطفى آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ   عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجن گهر وارن تي خرچ ڪندا هئا.  حديثِ پاڪ مطابق هجرت کان پوءِ هڪ وقت اهو به آيو جو رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ   عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي گهر


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...معجم الاوسط ،جلد:4، صفحہ: 329، حدیث: 6135۔

[3]...مسلم ،کتا ب :الزکاۃ، صفحہ:502، حدیث:1002۔