Book Name:Faizan e Imam e Azam
آهي، انهن کي باقاعده تنخواهون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فارغ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي ڪري دين جي خدمت ڪندا آهن. * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي، *پرنٽ ميڊيا (يعني ماھوار فيضانِ مدينه، جيڪو هن وقت 7 ٻولين ۾ شائع ٿيندڙ ڪثيرالاشاعت ماهوار آهي)، ** سوشل ميڊيا (جهڙوڪ يوٽيوب (Youtube)، فيس بُڪ (F*cebook)، انسٽاگرام (Inst*gr*m) وغيره) تي موجود تقريباً 100 اڪائونٽ، جن تي تقريباً 50 ملين (Million) يعني 5 ڪروڙ فالورز آهن، جڏهن ته ويڊيوز جا نظارا بلينز (Billions) يعني 100 ڪروڙ کان به وڌيڪ ٿي چڪا آهن۔ *مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي ٻولين ۾، ڪڊز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ڪئي پئي وڃي۔ آءِ ٽي جي شعبي طرفان هاڻي تائين 32 موبائل ايپلي ڪيشن ۽ 40 اسلامي ويب سائيٽس لانچ ڪيون ويون آهن۔ دنيا جي مسلمانن جي خير خواهي لاءِ ايف جي آر ايف جو شعبو قائم آهي، جنهن تحت هاڻي تائين: *34 لک 16 هزار کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا آهن۔ *تقريباً 76 لک 82 هزار 958 ماڻهن جي مدد ڪئي وئي آهي۔ *5 هزار 566 کان وڌيڪ گهر تعمير ڪيا ويا آهن۔ * 75 هزار 721 کان وڌيڪ خون جون بوتلون عطيو ڪيون ويون آهن۔ * هيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ هاڻي تائين 61 هزار 667 کان وڌيڪ مريض علاج لاءِ اچي چڪا آهن۔
پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجا عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏئي، خدمتِ دين جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو! توهان جا عطيات يعني چندو ڪنهن به نيڪ، جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خير خواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪم ۾ لڳايا ويندا۔
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! نبين جا نبي، رسولِ هاشمي، صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رجب ۾