Book Name:Faizan e Imam e Azam
وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! *ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. * تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Speci*liz*tion)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. * جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد لڳ ڀڳ 5 لک 30 هزار آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ تقريباً 74 هزار 887 کان وڌيڪ مدارس المدينه بالغان و بالغات قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ پڙهڻ وارن جو تعداد تقريباً 4 لک 86 هزار کان وڌيڪ آهي. * فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبه ۽ طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. * هن وقت تقريباً 21 دارالافتاء اهل سنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائي جو تعداد مهيني اوسطاً 20 هزار آهي. * المدينة العلم (اسلامڪ رييسرچ سينٽر) ذريعي ديني لٽرچر تي تحقيقي ڪم جاري آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن شعبي تحت هن وقت تائين 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي، ۽ هن شعبي ۾ ڪيترا مدني عالمَ سڳورا خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده تنخواهون ڏئي رهي آهي. * ديني لٽچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتابَ ۽ رسالا مفت ۾ ورهائڻ) جو به سلسلو جاري آهي ۽ ڪتابن جي وڪري جو ڪم به ڪيو ويندو آهي. * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلاميءَ جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي، ذيلي حلقن کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورى تائين سڄو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ذمّيدارَ موجود آهن. * عاشقانِ رسول کي تربيت ڏئي انهن کي ديني ڪم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ روانو ڪيو ويندو