Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

اسلامي ڀاءَ انهن کي شجرہ قادريه عطاريه مان شجرہ عاليه جا دعائيه شعرَ پڙهڻ جو مشورو ڏنو. انهن شجرہ شريف جا دعائيہ اشعار پابندي سان پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شجرہ قادريه رضويه ضيائيه عطاريه پڙهڻ جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم جيڪو ڪيترن سالن کان نه ٿي رهيو هو، حيرت انگيز طور تي چند ڏينهن ۾ ٿي ويو ۽ انهن کي ويزا مل ويا.

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکل کُشا کے واسِطے       کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ايپلي ڪيشن جو تعارف:  بهارِ شريعت

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي ذريعي به مختلف انداز ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مشغول آهي، ان سلسلي ۾  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ تمام پياري، نرالي ۽ تمام فائديمند موبائل ايپلي ڪيشن ”بہارِ شريعت“ (B*h*r e Sh*riy*t) لانچ ڪئي وئي آهي. 

*صدرالشريعه، مولانا امجد علي اعظميرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي مايه ناز تصنيف بہارِ شريعت جي ٽن جلدن کي هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. * ان کان علاوه بہارِ شريعت ۾ شامل قرآنِ مجيد جون آيتون، حديثون، اصطلاحون ۽ لغت پڻ هن ايپلي ڪيشن جو حصو آهن. * توهان هن ايپلي ڪيشن ۾ مطلوبه مواد ڳولي سگهو ٿا. * سرچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هن ۾ اردو ڪي بورڊ جي سهولت موجود آهي، جنهن سان ايپلي ڪيشن ۾ سرچ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

عطيات جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن