Book Name:Faizan e Imam e Azam
جو حلقو لڳائيندا آهن. ان ۾ 3 قرآني آيتون، انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌو، ٻڌايو ويندو آهي. فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي. شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي. دعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اشراق، چاشت جا نفل پڻ پڙهيا ويندا آهن. توهان به تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ حصو وٺڻ جي عادت ٺاهيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڏيون برڪتون ملنديون. حديثِ پاڪ مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ وڃي، ان کي عُمري جو ثواب ملندو آهي. ([1]) صبح جو وقت نيڪين ۾ گذارڻ سان برڪت ملندي، سڄو ڏينهن سٺو گذرندو، صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو. شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو، انهن جي محبت دل ۾ پيدا ٿيندي، اولياءِ ڪرام جي روحاني توجهه ملندي، ايمان تازو ٿيندو، انهن جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پوريون ٿينديون. هڪ وڏي برڪت اها آهي ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ رهڻ سنتِ مصطفى آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي سعادت ملندي. حديثِ پاڪ مطابق جيڪو نمازِ فجر کانپوءِ ذڪرِ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق، چاشت جا نفل پڙهي، ان کي دوزخ جي باهه نه ڇُهندي. ([2])
هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سال کان ٻاهرين ملڪ آهي جتي انهن جو پنهنجو ڪاروبار آهي، انهن کي هڪ دفعو پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙن جي ضرورت پئي. انهن ويزن لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪيون، پر ڪافي ڪوششون ڪرڻ باوجود ويزا نه ملي سگهيا. ڪيترائي سال اهڙي ريت گذري ويا، ۽ اهي تمام پريشان هئا ڇوته ملازمن جي نه هجڻ سبب انهن کي نقصان ٿي رهيو هو. خير، انهن همت ڪري هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي. ان دوران هڪ