Book Name:Faizan e Imam e Azam
رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ کان ان جي تعبير معلوم ڪرڻ ويو هئس. پوءِ ان پاڙيسري تعبير بيان ڪئي، چيائين: امام ابن سيرينرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ مون کي تسلي ڏني ۽ فرمايو: اي الله پاڪ جا ٻانها! جنهن جي متعلق تو خواب ڏٺو آهي، اهو تمام وڏي مرتبي واري شخصيت آهي. پوءِ پاڻ پڇيائون: ڇا ايئن ڪرڻ وارو ماڻهو عالم آهي؟ مون عرض ڪيو: جي ها! اهو تمام وڏو عالم آهي. ان تي امام ابن سيرينرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمايو: جنهن شخص بابت تو خواب ڏٺو آهي، اهو علومِ مصطفى جو وارث ٿيندو. دين جي علم کي ايترو ڦهلائيندو جو سڄو جهان روشن ٿي ويندو. سندس شهرت اوڀر ۽ اولھ تائين پکڙجي ويندي ۽ جنهن طرف اُن مزارِ پاڪ جي مٽي اڏائي، ان طرف سڀني علائقن ۾ علمِ دين جو نور پکڙجي ويندو.
امامِ اعظم، امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جڏهن پنهنجي متعلق اهو خواب ۽ ان جي ايمان افروز تعبير ٻڌي ته شڪر جي جذبي سان سندن چهري تي خوشي پکڙجي وئي. ([1])
سِپِہْرِ علم و عمل کے سورج تم ہی ہو سب ہیں تمہارے تارے
تم ہی سے چمکا ہے جو بھی چمکا، اِمامِ اعظم ابو حنیفہ!
تمہارے آگے تمام عالَم نہ کیوں کرے زانوئے ادب خَم
کہ پیشوایانِ دین نے مانا، اِمامِ اعظم ابو حنیفہ! ([2])
وضاحت: اي پيارا امام اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ! اوهان علم ۽ عمل جي آسمان جا سج آهيو، اُمَّت جا وڏا وڏا عالم اوهان کان روشني وٺندڙ تارا آهن. اوهان جي بعد کان امت علم جي روشني اوهان کان ئي حاصل ڪري رهي آهي. اوهان اهي عظيم الشان آهيو، جنهن کي امت جي وڏن وڏن امامن پنهنجو امام تسليم ڪيو آهي. انهيءَ ڪري سمورو جهان اوهان جو ادب ڪندو آهي.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد