Book Name:Faizan e Imam e Azam
ڪيا ويندا آهن. ([1]) هن مهيني ۾ حضرت ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي انهن سڀني ماڻهن جي فهرست ڏني ويندي آهي، جن جا ايندڙ سال روحَ قبض ڪيا ويندا. ([2])هن مبارڪ مهيني جي 15هين رات الله پاڪ بَنو ڪَلب جي ٻڪرين جي وارن جي برابر ماڻهن جي مغفرت فرمائي، کين جهنم کان آزاد ڪري ڇڏيندو آهي. ([3])
الله پاڪ هن بابرڪت مهيني ۾ اسان کي وڌيڪ کان وڌيڪ استغفار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
بَراءَت دے عذابِ قبر سے نارِ جہنم سے مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ([4])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن ۾ هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، سنتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون ملنديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو به آهي. قرآنِ مجيد سکڻ تمام وڏي فضيلت وارو ڪم آهي: *حديثن ۾ اهڙي طرح جو مضمون آهي: صبح ان حالت ۾ گذاريو جو يا توهان عالِم هجو يا طالبِ علمِ دين. ([5]) *هڪ روايت مطابق صبح جي وقت قرآنِ مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي. ([6]) * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جا عاشقانِ رسول فجر کان بعد تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ
[1]...مسندِ اَحْمَد، جلد:36، صفحہ:85، حدیث:21753۔
[2]...جامع صغیر، صفحہ:369، حدیث:5964۔
[3]...الترغیب والترہیب، کتاب الصوم، باب الترغیب فی صوم شعبان، صفحہ:351، حدیث:11۔
[4]...وسائلِ بخشش، صفحہ:98۔
[5]... دارمی، المقدمۃ، باب فی ذھاب العلم، صفحہ:96، حدیث:254۔
[6]... ابن ماجہ، باب فضل من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:48، حدیث:219۔