Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  کي مون شعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو. پاڻ ڪريم   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  سواءِ چند ڏينهن جي، سڄو مهينو روزا رکندا هئا.  ([1]) هڪ ڀيرو پاڻ ڪريم   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  جي خدمت ۾ سوال ٿيو: رمضان کان پوءِ ڪهڙا روزا افضل آهن؟ فرمايو: رمضان جي تعظيم لاءِ شعبان جا روزا رکڻ. ([2])

نفل روزن جا مختصر فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو، احاديث مبارڪه ۾ نفل روزن جا ڪيترائي فضائل بيان ٿيا آهن. ٽي روايتون پيش ڪيان ٿو: (1): جنهن ثواب جي اميد رکندي هڪ نفل روزو رکيو، الله پاڪ ان کي دوزخ کان چاليهه سال (جي فاصلي) تائين پري ڪري ڇڏيندو. ([3]) (2): جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڏينهن جو نفل روزو رکيو ۽ ان کي زمين جيترو سون ڏنو وڃي، تڏهن به ان جو ثواب پورو نه ٿيندو. ان جو ثواب ته قيامت جي ڏينهن ئي ملندو. ([4]) (3): جنهن هڪ ڏينهن جو نفل روزو رکيو، الله پاڪ ان کي جهنم کان ايترو پري ڪري ڇڏيندو جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ وارو فاصلو آهي. ([5])

(4): استغفار جي ڪثرت

شعبان شريف ۾ چوٿين اهم عبادت جيڪا ڪرڻ گهرجي، اها توبه ۽ استغفار آهي. ان جي حڪمت اها آهي ته شعبان جو مهينو جيترو عظمت وارو آهي، اوترو ئي نازڪ به آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: هي اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو غافل آهن، جڏهن ته هن مهيني ۾ ماڻهن جا اعمال رب العالمين جي بارگاهه ۾ پيش


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736۔

[2]...ترمذی، کتاب: زکوٰۃ، باب: فضیلتِ صدقہ، صفحہ:189، حدیث:663۔

[3]...کنز العمال، جز:8، جلد:8، صفحہ:255، حدیث:24148۔

[4]...مسند ابی یعلی، مسند ابو ہریرہ، جلد:4، صفحہ:459، حدیث:6123۔

[5]...معجم کبیر، جلد:7، صفحہ:49، حدیث:13742۔