Book Name:Faizan e Imam e Azam
فضول گوئی کی نکلے عادت، ہو دور بے جا ہنسی کی خَصلت
دُرُود پڑھتا رہوں میں ہر دم، امامِ اعظم ابو حنیفہ!([1])
اهڙيءَ طرح، تلاوتِ قرآن به شعبان شريف جي اهم عبادتن مان آهي. بلڪه ڪجهه روايتن ۾ شعبان شريف جو نالو ئي ”شهر القرآن“ (يعني تلاوتِ قرآن جو مهينو) رکيو ويو آهي. هڪ روايت ۾ اچي ٿو: شعبان شريف الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي رب! تو مون کي ٻن عظمت وارن مهينن (رجب ۽ رمضان) جي وچ ۾ رکيو آهي، مون لاءِ ڇا آهي؟ فرمايو: مون تو ۾ تلاوتِ قرآن رکي آهي. ([2]) * هڪ روايت ۾ آهي ته صحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہم جو معمول هو، جيئن ئي شعبان شريف ايندو هو، اهي مڪمل توجھ سان قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. ([3])
ڪاش! اسان کي به اها توفيق ملي، جو اسان به هن بابرڪت مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوت ڪندڙ بڻجي وڃون.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت
رہوں بَاوُضو میں سدا یاالٰہی!([4])
شعبان شريف جي ٽين اهم عبادت نفل روزو آهي. پيارا آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم رمضان المبارڪ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ شعبان شريف ۾ روزا رکڻ پسند ڪندا هئا. مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشہ صديقه رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: