Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

نہ کیوں کریں ناز اہل سنت کہ تم سے چمکا نصیبِ امت

سراجِ امت ملا ہو تم سا امام اعظم ابو حنیفہ

شعبان شريف جون ڪجهه عبادتون

 الله پاڪ اسان کي گهڻي عبادت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شعبان شريف جي آمد آهي. شعبان شريف تمام وڏو ۽ بابرڪت مهينو آهي. ان ۾ خير ۽ برڪت جو مينهن وسندو آهي. آخري نبي، رسولِ هاشمي   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  فرمايو: شَعْبَانُ الْمُطَہِّرُ وَرَمَضَانُ الْمُکَفِّرُ شعبان پاڪ ڪندڙ آهي ۽ رمضان گناهن جو ڪفارو آهي. ([1])

          هن بابرڪت مهيني ۾ عبادت جي ڀرپور ڪوشش  ڪيو. شعبان شريف جون چار تمام اهم عبادتون آهن. زياده نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهي چار عبادتن ئي جو معمول بڻايو، ان شاء الله الڪريم، ان سان تمام گھڻيون برڪتون نصيب ٿينديون.

(1): درود جي ڪثرت

سرڪارِ غوثِ اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائن ٿا: هو شَہْرُ الصَّلَاۃِ عَلَی النَّبِیِّ يعني شعبان سرڪارِ دوعالم، جانِ جان ۽ جانِ ايمان   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  تي درود پڙهڻ جو مهينو آهي. ([2]) لهٰذا هن بابرڪت مهيني ۾ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪيو. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو، ان تي 10 رحمتون نازل ٿينديون، ان جا 10 درجا بلند ڪيا ويندا، ان لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون ۽ ان جا 10 گناهه مٽايا ويندا.  ([3])  


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:301، حدیث:4903۔

[2]...غنیۃ طالبی، مجلس فی فضل شہر شعبان، جلد:1، صفحہ:342۔

[3]...ترمذی، کتاب الوتر، باب فی فضل الصلاۃ علی النبی، صفحہ:144، حدیث:484۔