Book Name:Faizan e Imam e Azam
جي وقفي لاءِ وٿي ٿيندي هئي. عشاء جي نماز کان پوءِ، پاڻرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ پنهنجي گهر ويا. ٿوري ئي دير کان پوءِ سادا ڪپڙا پائي مسجد واپس آيا ۽ نفل پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويا، ايتري قدر جو صبح صادق ٿي وئي. پوءِ گهر واپس ويا، ڪپڙا تبديل ڪري وري واپس آيا ۽ فجر جي نماز جماعت سان ادا ڪري، گذريل ڏينهن وانگر عشاء تائين درس ۽ تدريس جاري رکيو.
مون سوچيو ته پاڻ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ تمام گهڻو ٿڪجي پيا هوندا، اڄ رات ضرور آرام ڪندا، پر ٻي رات به ساڳيو معمول رهيو. پوءِ ٽيون ڏينهن ۽ رات به اهڙيءَ طرح گذري. مان تمام گهڻو متاثر ٿيس ۽ مون فيصلو ڪيو ته سڄي عمر سندن خدمت ۾ رهندس.
جيئن ته مون انهن جي مسجد ۾ ئي مستقل قيام اختيار ڪري ورتو. منهنجي قيام دوران، مون امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ کي ڏينهن ۾ ڪڏهن به بغير روزي جي يا رات ۾ عبادت ۽ نفلن کان غافل نه ڏٺو. البته ظهر کان پهريان پاڻرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ٿورو آرام ڪندا هئا. ([1])
منقول آهي: پاڻ مسلسل 30 سال روزا رکيا، 30 سال تائين هڪ ئي رڪعت ۾ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا رهيا، 40 سالن تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪئي، جنهن مقام تي سندن وصال ٿيو، اتي 7 هزار ڀيرا قرآنِ پاڪ ختم ڪيو. ([2])
ہمارے آقا ہمارے مولیٰ امام اعظم ابو حنیفہ
ہمارے ملجاء ہمارے ماویٰ امام اعظم ابو حنیفہ
زمانہ بھر نے زمانہ بھر میں بہت تجسس کیا ولیکن
ملا نہ کوئی امام تم سا امام اعظم ابو حنیفہ