Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

سڄي سڄي رات عبادت

پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  تمام وڏا عالم هئا، پاڻ سڄو ڏينهن دين جو علم سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ مصروف رهندا هئا، يقيناً هي به عبادت آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻ سڄي سڄي رات عبادت پڻ ڪندا هئا. علامه ابن حجر هيتمي شافعيرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  لکن ٿا: امامِ اعظم ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جو سڄي رات عبادت ڪرڻ ۽ تہجد پڙهڻ تواتر سان ثابت آهي جو پاڻرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  30 سال تائين هڪ ئي رڪعت ۾ مڪمل قرآن پڙهندا رهيا ۽ 40 سال تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز پڙهي. ([1]) *هڪ ڀيري حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي سامهون ڪنهن شخص امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي غيبت ڪئي ته پاڻ فرمايائون: توتي  افسوس آهي جو تون اهڙي شخص جي غيبت ڪرين ٿو جنهن 45 سالن تائين هڪ ئي وضو سان پنجن ئي وقتن جون نمازون پڙهيون ۽ هڪ رڪعت ۾ قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا ۽ جيڪو ڪجهه مون کي فقه جو علم آهي، اهو سڀ مون انهن کان حاصل ڪيو آهي. ([2])*پاڻرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  رات جو هڪ ئي رڪعت ۾ قرآن شريف پڙهندا هئا ۽ الله جي خوف کان ايترو روئندا هئا جو پاڻرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي پاڙيسرين کي به سندن تي رحم اچڻ لڳندو هو. ([3])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

امامِ اعظم جو معمول مبارڪ

حضرت مسعر بن ڪِدامرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائن ٿا: مان امامِ اعظم ابو حنيفه  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي مسجد ۾ حاضر ٿيس، ڏٺم ته فجر جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ پاڻرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  سڄو ڏينهن ماڻهن کي علمِ دين پڙهائيندا رهيا، هن دوران رڳو نماز


 

 



[1]... الخیرات الحسان،الفصل الرابع عشر،صفحہ:50ملتقطًا۔

[2]...الخیرات الحسان،الفصل الرابع عشر،صفحہ:50۔

[3]...الخیرات الحسان،الفصل الرابع عشر،صفحہ:50۔