Book Name:Faizan e Imam e Azam
ڇڏي ته ان جي قضا ڪرڻ واجب ٿيندي۔[1]
اعلى حضرت ۽ والده سڳوريءَ جو اَدب
پنهنجي دور جا تمام وڏا، بلڪ سڀني کان وڏا عالم، مُفتي، مُحدِّث، مُفسِّر ۽ شاعر آهن، ڪير؟ اسان جا امام، نائبِ امامِ اعظم، اعلى حضرت شاھ احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ . هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي گهر ۾ ئي پنهنجي شهزادي کي پڙهائي رهيا هئا. شهزادو سبق ياد نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري پاڻ کيس سيکارڻ جي نيت سان هلڪي چپاٽ هنئين. عام طور تي ڏاڏين کي پنهنجي پوٽن سان گهڻو پيار هوندو آهي، جيئن ته جڏهن اعلى حضرترَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ پنهنجي شهزادي کي چپاٽ هنئي ته والده سائڻ يعني شهزادي جي ڏاڏي صاحبہ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا ڀرسان ئي موجود هئي، ان اعلى حضرترَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي پٺيءَ تي هڪ چماٽ هنئي ۽ فرمايو: منهنجي پوٽي کي ڇو ٿو مارين؟
جيڪڏهن اسان مان ڪو هجي ها ته شايد ڪاوڙجي وڃي ها، ۽ شايد چار ڏينهن تائين ماءُ سان ڳالهائڻ به بند ڪري ڇڏي ها، پر هي اعلى حضرترَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ هئا، جن کي علم جو نور نصيب هو. جيئن ته پاڻ والده جو ادب ڪندي بيهي رهيا، هٿ ٻڌي ورتا ۽ ادب سان عرض ڪيو: امڙ! مون کي اڃا به ماريو...!! [2]
سُبْحٰنَ اللہ! هيءُ آهي والدين جو ادب. جن کي علم جو نور نصيب ٿيندو آهي، اهي پنهنجي ماءُ پيءُ جو اهڙي طرح ئي ادب ڪندا آهن. الله پاڪ اسان کي به والدين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد