Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

دنيا جو ڪو به ذرو آقا   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  جي علم کان لڪيل ناهي. هيءُ مصطفيٰ   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  جي علم جو شان آهي، ڪائنات ۾ پاڻ سڳورن  کان افضل نه ڪو ٿيو آهي ۽ نه ڪو ٿي سگهي ٿو. ان اعليٰ فضيلت، مقام ۽ مرتبي جي باوجود ڏسو مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خواهش ڪيڏي پياري آهي. پاڻ ڪريم        صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: منهنجي دل چئي ٿي ته ڪاش منهنجي امڙ سائڻ حيات هجي ها، مان نماز پڙهي رهيو هجان ها، منهنجي امڙ سڳوري سَيّده آمنه رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهَا مون کي سڏين ها ته مان نماز ڇڏي جلد امڙ وٽ پهچي وڃان ها. [1] هيءَ آهي سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو سبق...! اصل ۾ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي سيکاري رهيا آهن ته، اي منهنجا غلامؤ...! اوهان ڀلي ڪيترا به اعليٰ ٿي وڃو، اوهان کي ڪيتريون به ڊگريون ملي وڃن، ڪيترا به وڏا آفيسر ٿي وڃو، ان جي باوجود والدين جو ادب ۽ احترام هميشه ڪرڻو ئي آهي.

  الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

هڪ اهم شرعي مسئلو

هتي هڪ شرعي مسئلو ٻڌي وٺو!

* جيڪڏهن ماءُ پيءُ ڪنهن وڏي مصيبت ۾ هجن ۽ پٽ کي سڏ ڪن، ان وقت پٽ جيتوڻيڪ فرض نماز پڙهي رهيو هجي ته حڪم آهي ته نماز ٽوڙي ماءُ پيءُ جي خدمت ۾ پهچي، پوءِ نماز ٻيهر پڙهي. * جيڪڏهن نفل نماز پڙهي رهيو هجي ۽ ماءُ پيءُ کي اهو معلوم نه هجي ته هو نفل نماز پڙهي رهيو آهي، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن معمولي طور به سڏ ڪن ته حڪم آهي ته نفل نماز ٽوڙي پهريان ماءُ پيءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿئي. ياد رکو! جيڪڏهن نفل نماز ٽوڙي


 

 



 1 شعب الایمان، باب فی بر الولدین، جلد:6، صفحہ:195، حدیث:7881۔