Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

کي به ان جو جواب نه ايندو هو ته امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  هڪ طرف ٿي ڪري مفتي صاحب کي جواب ٻڌائيندا ۽ فرمائيندا هئا: توهان امان سائڻ کي هيئن جواب ڏيو! ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جو ڪيڏو شان آهي...!! پاڻ پنهنجي زماني جا وڏا عالمِ دين آهن ۽ والده جي اڳيان ڪيئن اڻڄاڻ بڻجي ويندا هئا. اسان وٽ ته ائين ٿيندو آهي جو ڪو چار ڊگريون حاصل ڪري وٺندو آهي ته انهن کي والدين جاهل نظر ايندا آهن. *بابا سائين! توهان کي ڪهڙي خبر؟ *توهان پراڻي زماني جا آهيو، هاڻي زمانو بدلجي چڪو آهي، *هاڻي ته ٽيڪنالوجي(Technology) جو دور آهي، توهان اڃا به پراڻي زماني ۾ رهندا آهيو. اهڙا بي ادبي وارا جملا ڳالهائيندا آهن.

الامان والحفيظ...!! اڙي ادا! ڪجھ سوچ ته سهي*   جن اسان کي هلڻ سيکاريو،* جن پاڻ ٻکيو رهي اسان کي پاليو، *پنهنجن خواهشن ۽ ضرورتن کي قربان ڪيو، *  محنت سان اسان کي پڙهائي، لکائي وڏو ڪيو، ايتريون ساريون ڊگريون ڏياريون، ڇا اهي ئي آهن جن کي ڪجهه نٿو اچي؟ هي ڳالھ ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! جيڪو پڙهيل لکيل شخص پنهنجي والدين کي جاهل سمجهي، اهو ڀلي ڪيترو به پڙهيل هجي، حقيقت ۾ علم جي نور کان محروم آهي.

پياري آقا   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  جي والده سائڻ سان محبت

  توهان کي خبر آهي ڪائنات ۾ سڀ کان وڏا عالم ڪير آهن؟ منهنجا ۽ اوهان جا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ!! جن کي اڳين ۽ پوين جا سمورا علمَ عطا ڪيا ويا. جن جي باري ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ عَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُؕ   (پارہ:5، سورۂ نساء:113)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اوھان کي اهو سڀ ڪجهه سيکاريو جيڪو اوھان نه ڄاڻيندا هُيؤ.


 

 



[1]... مناقبِ امامِ اعظم، ص:213۔