Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

شخص جنهن ڪپڙو خريد ڪيو، پنهنجي مرضي سان خريد ڪيو هو، پنهنجي مرضي سان قيمت ادا  ڏئي ويو هو، اسان وٽ ائين ٿئي وڃي ته ماڻهو خوش ٿيندا آهن ۽ ڪيئي ته فخر پڻ ڪندا آهن ته مون اڄ هيتري جو چونو لڳايو بلڪ جيڪڏهن مارڪيٽ جي ڳالھ ڪئي وڃي ته ماڻهو پنهنجي دڪان تي اهڙا ئي ملازم پسند ڪندا آهن جيڪي گهٽ قيمت واري شيءِ کي وڌيڪ پئسن ۾ وڪڻي سگهن، جيڪي وڌيڪ صفائي سان ڌوڪو ڏيڻ ڄاڻندا هجن، انهن کي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. پرهي اسان جا امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  هئا، پاڻ  14 سؤ 43 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو، خريدار کي 600 درهم واپس ڪيا، تڏهن وڃي کين سُڪون ۽ اطمينان نصيب ٿيو، ڪاش! اسان سڀني کي به اهڙي سعادت نصيب ٿئي. ڪاش! اسان ٻين لاءِ به اهو پسند ڪرڻ وارا  بڻجي وڃون، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪيون ٿا. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم   

والده سائڻ سان سٺو سلوڪ

پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ   جي هڪ ٻي خوبصورت عادت هئي ته پاڻ  والدين سان تمام نيڪ سلوڪ ڪندا هئا. پاڻ ماشاءالله پنهنجي زماني جي سڀني عالمن جا سردار هئا  پر ائين ٿيندو آهي ته پٽ ڪيڏو به وڏو ڇو نه ٿي وڃي، ماءُ لاءِ اهو هميشه ٻار ئي هوندو آهي. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته امامِ اعظم رَحْمَةُاللّٰهِ  عَلَیْهِ جي والده سائڻ جڏهن ڪنهن مسئلي بابت سوال ڪرڻ چاهينديون هيون، ته اهي پنهنجي شهزادي کان سوال نه ڪنديون هيون، پر پاڻ امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  کي چونديون هيون پٽ! مون کي فلاڻي مفتي صاحب ڏي وٺي هل، مون کي مسئلو پڇڻو آهي.

هاڻي امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي عاجزي ۽ اَدب وارو انداز ڏسو، پاڻ پنهنجي والده کي مفتي صاحب ڏي وٺي ويندا هئا، پردي سان والده  مسئلو پڇنديون هيون، ڪيئي دفعا ائين به ٿيندو هو ته مسئلو مشڪل هوندو هو، مفتي صاحب