Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: *   عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *     بيان جا اهم نڪتا لکندس *  جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پاڙيسريءَ جو خواب ۽ ان جي تعبير

  امامِ اعظم، امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جو هڪ پاڙيسري هو، جيڪو اوچتو سفر تي نڪري ويو ۽ بصره پهچي ويو. جڏهن هو واپس آيو ته امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  ان کان خيريت دريافت ڪئي ۽ پڇيو: خير ته آهي؟ اوهان ايترا ڏينهن ڪٿي هيا؟ پاڙيسري وراڻيو: بصره ويو هيس. امام صاحب فرمايو: عجيب ماڻهو آهيو، بنا اطلاع جي هليا ويؤ. پاڙيسري بصره وڃڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو: سائين! رمضان شريف جو مهينو هو، مون هڪ خواب ڏٺو ته اوهان مديني پاڪ ۾ روضي رسول جي سامهون حاضري ڏئي رهيا آهيو. اوهان اڳتي وڌيا، روضو پاڪ کوليو، ماڻهو اوهان کي ڏسي رهيا هئا، پر ڪنهن منع نه ڪيو. مون ڏٺو ته اوهان شاهه مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبر مبارڪ منجهان مٽيءَ جا ڪجهه ٻُڪَ ڀريا ۽ ان کي ڦوڪ ڏئي هر طرف ڇَٽي رهيا آهيو. 

اهو خواب ڏسي مان تمام گهڻو پريشان ٿيس. ان ڪري بصره ۾ امام ابن سيرين


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔