Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

وٽان ملي سگھي ٿو. تنهن ڪري هو ڪوفي پهتو، جتي امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي دڪان تي آيو. ان وقت امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  دڪان تي موجود نه هئا، پر شاگرد دڪان تي موجود هو. ان شخص کي ڪپڙو پسند آيو ۽ شاگرد جنهن ڪپڙي جي قيمت 400 درهم هئي، ان کي 1000 درهم ۾ وڪڻي ڇڏيو. اهو شخص خوش ٿي ڪري ڪپڙو وٺي هليو ويو.

ان واقعي کي ڪافي ڏينهن گذري ويا امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جڏهن شاگرد کان ان ڪپڙي جي باري ۾ پڇيوته اُن ٻڌايو ته ان کي 1000 درهم ۾ وڪڻي ڇڏيو هو. اهو ٻڌندي ئي امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  کي جلال اچي ويو. پاڻ شاگرد تي ڪاوڙ ڪئي ۽ کيس چيو ته تون ڌوڪو ڏين ٿو، وڌيڪ قيمت وٺين ٿو، تنهن ڪري اڄ کان پوءِ تون منهنجي دڪان تي ڪم نٿو ڪري سگھين. اهو چوندي امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  شاگرد کي ڪم تان فارغ ڪري دڪان بند ڪري فوراً مديني پاڪ روانا ٿي ويا.

مديني ۾ پهچي، امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  ان شخص کي ڳولڻ شروع ڪيو. ڳولا ڪندي هو مسجد ۾ پهتو جتي اهو شخص ان ڪپڙي جي چادر ويڙهي نماز پڙهندي نظر آيو. امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ   به مسجد ۾ داخل ٿي نفل پڙهيا. جڏهن اهو شخص نماز کان فارغ ٿيو ته امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  ان اڳيان 1000 درهم رکيا ۽ چيو، هي ڪپڙو مون کي واپس ڏئي ۽ رقم واپس وٺو! ان شخص جواب ڏنو، مان ان ڪپڙي کي ڪيترن ڏينهن کان استعمال ڪري رهيو آهيان ۽ جنهن قيمت تي مون ان کي خريد ڪيو آهي، مان ان تي راضي آهيان، تنهن ڪري مان اهو ڪپڙو واپس نٿو ڪري سگھان. امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  ان سان بحث ڪيو ۽ آخرڪار 600 درهم ان کي واپس ڪيا ۽ ڪوفي واپس روانا ٿي ويا.[1]

سُبْحٰنَ اللہپيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو پيارو انداز آهي، توهان غور ڪيو، موجوده نقشي مطابق، ڪوفي کان مديني جو فاصلو 1443 ڪلوميٽر آهي. اهو ڪيترو ڊگهو سفر آهي! اهو


 

 



[1] مناقبِ امامِ اعظم، ص:213۔