Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

فرمايو: لَا يُؤْمِنُ اَحَدُكُمْ حَتَّى ‌يُحِبَّ ‌لِاَخِيهِ مَا يُحِبُّ لِنَفْسِهِ يعني توهان مان ڪو به ان وقت تائين (ڪامل) ايمان وارو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءَ لاءِ اها شيءِ پسند نه ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي.[1]

ڪيڏو نه پيارو اصول آهي. ان لاءِ اسان کي گهڻي ڄاڻ جي ضرورت نه آهي، بس پنهنجي پاڻ تي غور ڪيون! جيڪي ڪجهه پاڻ لاءِ پسند ڪيون ٿا، اهو ئي ٻين لاءِ به پسند ڪيو! مثال طور؛ ڪو اسان کي ڌوڪو ڏئي، ڇا اسان اهو پسند ڪيون ٿا؟ نه...!! ته پوءِ ٻين کي به ڌوڪو نه ڏيو! * ڪو ماڻهو اسان کي گار ڏئي، ڇا اسان کي اهو پسند آهي؟ نه...!! ته پوءِ ٻين کي به گار نه ڏيو! * ڪو ماڻهو اسان سان ڪوڙ ڳالهائي، ڇا اسان کي اهو پسند آهي؟ نه...!! ته پوءِ ٻين سان به ڪوڙ نه ڳالهايو! ڪو ماڻهو اسان کي تڪليف پهچائي، ڇا اسان اهو پسند ڪيون ٿا؟ نه...!! ته پوءِ ٻين کي به تڪليف نه پهچايو! * ڪو ماڻهو اسان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺي، ڇا اسان کي اها ڳالهه پسند آهي؟ نه آهي، ته پوءِ ٻين جي مجبوريءَ جو به فائدو نه وٺو! * جڏهن اسان بازار وڃون، دڪاندار اسان کي گهٽ قيمت واري شيءِ وڌيڪ پئسن ۾ ڏئي، خراب شيءِ کي سٺي ۽ اعليٰ معيار واري ٻڌائي ڏئي، ڇا اسان اهو پسند ڪنداسين؟ هرگز نه ڪنداسين. ته پوءِ ٻين سان به ائين نه ڪيو! ائين بس سوچيندا وڃو، جيڪي ڪجهه پاڻ لاءِ پسند ڪيو ٿا، اهو ئي ٻين لاءِ پسند ڪيو، جيڪو پاڻ لاءِ پسند نه ٿا ڪيو ، اهو ٻين لاءِ به پسند نه ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪامل مؤمن ٿي وينداسين.

پيسا واپس ڪرڻ لاءِ مديني پهچي ويا

هن حوالي سان  امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جو هڪ خوبصورت واقعو ٻڌو! هڪ شخص مديني پاڪ جو رهاڪو هو، ان کي هڪ خاص قسم جي ڪپڙي جي ضرورت پيش آئي. هن اُن ڪپڙي کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪٿي به نه مليو. پوءِ هن کي معلوم ٿيو ته اهو ڪپڙو صرف امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  


 

 



 [1] بخاری، کتاب  بدء الایمان، باب من الایمان ان یحب...الخ ، صفحہ:74، حدیث:13۔