Book Name:Faizan e Imam e Azam
جنهن ۾ ٻين جو وڌيڪ فائدو هجي، جيئن غريب کي ڪجهه پيسا ڏئي ڇڏيا! هي يقينًا سندن مدد آهي، اهو به ثواب جو ڪم آهي، پر جيڪڏهن الله پاڪ همت ڏني آهي ته ان کي ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪري ڏيو، ٿورو گهڻو راشن جو سامان ڏيارڻ ته جيئن سندن ٻارن جو خرچ هلندو رهي ، يقيناً ان ۾ غريب جو وڌيڪ فائدو آهي. ان ڪري جيستائين ممڪن هجي، ٻين کي وڌيڪ فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪيو.
ڪنهن جي مجبوريءَ مان فائدو نه وٺو!
اسان جي معاشري ۾ گهڻا ماڻهو ٻين جي مجبوري مان فائدو وٺندا آهن. *پنهنجن مائٽن ۾ ڪو ويچارو غريب آهي ته ان جي غربت مان فائدو وٺندي گھٽ پگھار تي ان کان ڪم وٺندا آهن، * ڪنهن غريب کي نوڪري وٺرائي ڏني، ۽ ان جي ماهوار پگھار (Selri) مان حصو وصول ڪرڻ ته مون توکي نوڪري وٺرائي ڏني هئي، * ڪو ويچارو گھٽ لکيل پڙهيل آهي ته ان جي لاعلمي جو فائدو وٺندي ان کي ڌوڪو ڏيڻ. * وياج جيڪو حرام آهي، اهو مڪمل طور مجبوري جو فائدو وٺڻ جو نالو آهي، ڪنهن ويچاري کي قرض جي ضرورت آهي ماڻهو ان کي قرض ڏيئي ان تي نفعو حاصل ڪندا آهن اهو ئي ته وياج آهي، * ڪو ماڻهو ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسي پيو آهي مجبورن پنهنجو سامان کپائي رهيو آهي، ماڻهو ان جي مجبوريءَ مان فائدو وٺندي ان کان سستيون شيون خريد ڪندا آهن، اهڙي طرح اسان جي معاشري ۾ ڪيئي صورتون موجود آهن جو ماڻهو ٻين جي مجبوريءَ جو فائدو وٺندا آهن جيڪا تمام غلط ڳالھ آهي.
جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪيو اهوئي ٻين لاءِ به
هڪ حديثِ پاڪ جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيون ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ نافذ ڪري ڇڏيون ته يقين ڪيو! اسان جو سڄو معاشرو پرسڪون ۽ امن وارو ٿي سگهي ٿو. اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم