Book Name:Faizan e Imam e Azam
کائيندا، اوترو ئي ڪنهن غريب کي پڻ کارائيندا هئا. ([1])
امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي عادت مبارڪ هئي ته ماڻهن سان ڀلائي ڪندا هئا. هڪ دفعي هڪ شخص سندن خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيو: ”سائين! مون کي بهترين ڪپڙن جي ضرورت آهي، مهرباني ڪري مون تي احسان ڪيو! امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ چيو: ٺيڪ آهي، تون ٻن هفتن کانپوءِ اچجانءِ. اهو شخص ٻه هفتن کانپوءِ وري آيو، امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ چيو: سڀاڻي اچجانءِ جڏهن اهو واپس آيو، امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ کيس بهترين ڪپڙا ۽ ڪجهه نقد پيسا ڏنا. ان ڪپڙا ته قبول ڪيا پر نقدي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ چيو: مون پنهنجي تجارت ۾ توھان جي نالي جو ڪجهه مال شامل ڪيو هو، اُن جو جيڪو منافعو مليو، ان مان تنهنجا ڪپڙا خريد ڪيا، بچيل رقم توهان جي آهي. اهو ٻڌي، ان شخص نقدي ۽ ڪپڙا خوشي سان قبول ڪري، دعائون ڏيندو هليو ويو.
امام اعظم رَحْمَةُاللّٰهِ عَلَیْهِ چاهن ها ته کيس ڪپڙا به ڏئي سگھيا پيا، ان کي مال به ڏئي سگھيا پئي، پر پاڻ ان شخص جي نالي سان تجارت ڪئي، ان ۾ ڇا حڪمت هئي؟. جڏهن ان جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته امام اعظم رَحْمَةُاللّٰهِ عَلَیْهِ چيو: اُن چيو هو ته مون تي احسان ڪر. تنهن ڪري، ڀلائيءَ جي اهائي صورت هئي.([2])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي پياري ڳالهه آهي، اهو شخص آيو ته مدد وٺڻ لاءِ هو، پر امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ان سان ڪيڏي چڱائي ڪئي، ان لاءِ واپار ۾ مال شامل ڪيو ۽ سڄو نفعو کيس عطا ڪري ڇڏيو. ان کي چوندا آهن: ڀلائي ڪرڻ. ڪاش! اسان به ٻين سان ڀلائي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. جيترو ٿي سگھي، ٻين کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ اهو ڪم اختيار ڪيون