Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

سبھی اصحاب سے بڑھ کر مُقَرَّب ذات ہے انکی                  رفیقِ سرورِ اَرض و سما صدیقِ اکبر ہیں([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جن صديق اڪبر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي سيرت کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ان جو فيض کين اهو مليو جو جيئن حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللّٰهُ   عَنْهُ   تمام گهڻيون خوبيون رکندا هئا، سندن جي صدقي امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  به تمام گهڻين خوبين جا مالڪ بڻجي ويا. اچو! امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي سيرت پاڪ جا ڪجهه اهم پهلو ٻڌون ٿا:

امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي پيارِي سيرت

امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جا خاص شاگرد امام ابو يوسفرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائن ٿا:  (1) امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  حرام ڪمن کان هميشه بچندا هئا.  (2) علمِ دين کان علاوه ڳالهائڻ کان ڊڄندا هئا.  (3)  تمام گهڻو مجاهدو (يعني نيڪ ڪمن ۾ تمام گهڻي ڪوشش) ڪندا هئا.  (4) دنيا دارن جي سندن چهري تي تعريف نه ڪندا هئا.  (5)  اڪثر خاموش رهندا هئا. (6) ديني مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪندا رهندا هئا. (7)تمام سادي ۽ نرم طبيعت وارا هئا.  (8) جيڪڏهن ڪو سوال ڪندو هو، ته قرآن ۽ حديث مان جواب ڳولي ڏيندا هئا. (9)  طبيعت ۾ لالچ نه هوندي هئي.   (10) ڪنهن جو به ذڪر ٿيندو هو ته ان ۾ سواءِ ڀلائيءَ جي ٻيو ڪجهه نه چوندا هئا.[2] 

10 هزار مون معاف ڪيا

امامِ اعظم امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  انتهائي سخاوت پسند هئا. سندن عادت مبارڪ هئي ته * جيترو مال پنهنجي اهل و عيال تي خرچ ڪندا هئا، اوترو ئي صدقو ڪندا هئا. * جڏهن ڪو نئون ڪپڙو پائيندا هئا، ته اوترو ڪپڙو عالمن کي خريد ڪري ڏيندا هئا. جڏهن سندن اڳيان کاڌو رکيو ويندو هو   ته جيڪو پاڻ


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:565-566ملتقطاً۔

…2 الخیرات الحسان،الفصل الرابع و العشرون،صفحہ:82 ملتقطًا۔