Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

صحابي رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ کي پنهنجو آئيڊيل بڻايون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنهن به صحابي جو دامن پڪڙينداسين، سڌو جنت ۾ پهچي وينداسين ۽ جيسيتائين ڳالهه آهي حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ  جي...!! انهن جو ته ڪيڏو ئي اونچو شان آهي! سيپارو: 21، سورة لقمان، آيت: 15 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَّ اتَّبِـعْ سَبِیْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّ.  (پارہ:21،سورۂ لقمان:15)

    ترجموڪنزالعرفان: ۽ مون ڏانهن رجوع ڪرڻ واري انسان جي رستي تي هل.

سُلطانُ المُفَسِّرين، حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: هن آيتِ سڳوريءَ ۾ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّ يعني الله پاڪ ڏانهن رجوع ڪندڙ مان مراد حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ آهن.[1] يعني هن آيت ۾ حڪم ڏنو پيو وڃي ته اي انسانؤ...!! ابو بڪر صديق جي پيروي اختيار ڪيو...!! 

سُبْحٰنَ اللہمسلمانن جي پهرئين خليفو حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللّٰهُ   عَنْهُ   جي ڪيڏو بلند شان آهي...! ٿورو تصور ته ڪيو! الله پاڪ جيڪو تمام جهانن جو رب آهي، اهو حڪم ڏئي ٿو ته اسان جي محبوب   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  جي پياري صحابي ابو بڪر صديق رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ جي رستي تي هلو...! معلوم ٿيو ته حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللّٰهُ   عَنْهُ   سچي رستي جا مسافر آهن، حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللّٰهُ   عَنْهُ   جو رستو سڌو جنت جو رستو آهي، حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو رستو الله پاڪ تائين پهچائڻ وارو رستو آهي.   تنهنڪري جيڪو به حضرت ابوبڪر صديق  رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي نقشِ قدم تي هلندو، اهو الله پاڪ ڏانهن رجوع ڪندڙ ٿيندو ۽ الله پاڪ جي چاهيو ته ضرور الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بلند مقام وارو ٿي ويندو.

نہایت متقی و پارسا صدیقِ اکبر ہیں                             تِقَی ہیں بلکہ شاہِ اَتْقِیَا صدیقِ اکبَرْ ہیں

اَمِیْرُ الْمُؤمِنِیْں ہیں آپ اِمَامُ الْمُسْلِمِیْں ہیں آپ                    نبی نے جنّتی جن کو کہا صدیقِ اکبر ہیں


 

 



[1]... تفسیر بغوی، پارہ:21، سورۂ لقمان، زیرِ آیت:15، جلد:3، صفحہ:509۔