Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

اڄ ۽ هاڻي کان رکو! سنت زنده ٿيندي * سنت جي مطابق لباس پايو زلفَ رکو! سنت زنده ٿيندي * گهر ۾ اچڻ، وڃڻ، ويهڻ، اٿڻ، هلڻ، سلام ڪرڻ، کاڌو کائڻ، سڀ ڪجهه سنت مطابق ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سنتن تي عمل جي سعادت ملندي. پنهنجن ڄاڻڻ وارن، پنهنجي مڃيندڙن، عزيزن ۽ رشتي دارن کي سنتن تي عمل جي ترغيب ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر گهر ۾ سنتون عام ٿينديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته سنت زنده ڪرڻ جو ثواب نصيب ٿيندو.

سنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں          نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے

 پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان عاشقان رسول سان گڏ قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيون، ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سنتون سکڻ جي سعادت به ملندي، انهن تي عمل جو جذبو به نصيب ٿيندو ۽ ساڳئي وقت سنتن جو پيغام ٻين تائين پهچائڻ جي سعادت به حاصل ٿيندي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا رهندا آهن.  اوهان به پنهنجو ذهن ٺاهيو! گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلي ۾ ته لازمي سفر ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بي حساب ثواب نصيب ٿيندو.

لوٹنے رحمتیں قافِلے میں  چلو                  سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو

چاہو گر بَرَکتیں قافِلے میں  چلو                پاؤ گے عظمتیں قافِلے میں  چلو

بارہ مَہ کیلئے تیس دن کیلئے                    بارہ دن دے ہی دیں  قافِلے میں  چلو

سنّتیں  سیکھنے تین دن کیلئے                   ہر مہینے چلیں قافِلے میں  چلو

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

امام اعظم جو ڪردار، فيضانِ صديقِ اڪبر

    پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ