Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

مان وڏا امام آهن، امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  کي به انهن جي صحبت جو فيض حاصل آهي. هڪ ڀيرو امام اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  ، امام جعفر صادقرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ته امام جعفر صادقرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  ڏسندي ئي فرمايو: مان ڏسي رهيو آهيان ته تون منهنجي ناني سائين جي سنت کي زنده ڪندين([1])

سنت زنده ڪرڻ جا فضائل

سُبْحٰنَ اللہ! اسان جي امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي ڪيڏو شان آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پاڻ سنت کي زنده ڪرڻ وارا آهن. ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته سنت کي زنده ڪرڻ واري جي فضيلت ڇا آهي؟ ٻڌو! حديث پاڪ ۾ آهي: *جيڪو منهنجي سنت کي زنده ڪندو، اهو قيامت جي ڏينهن عرشِ الٰهي جي ڇانوَ ۾ هوندو.[2] *هڪ حديث شريف ۾ آهي: جنهن منهنجي سنت کي زنده ڪيو، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.[3] * هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي: جنهن منهنجي سنت کي زنده ڪيو، ان کي 100 شهيدن جو ثواب ملندو.[4] 

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جي امام، امام اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  بابت امام جعفر صادق  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  جي شاهدي موجود آهي ته پاڻ سنت کي زنده ڪرڻ وارا  آهن. اسان جو حُسنِ ظن آهي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن پاڻ عرشِ الٰهي جي ڇانوَ ۾ هوندا، جنت ۾ آقا   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  جي پاڙي جو شرف ماڻيندا ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سندن کي ڪيترن ئي شهيدن جو ثواب نصيب ٿيندو. 

 ڪاش! اسان کي به توفيق ملي، ته اسين به سنتون زنده ڪرڻ وارا ٿي وڃون.   عمامو ٻڌڻ سنت آهي، ٻَڌندا ڪيو! سنت زنده ٿيندي *  ڏاڙهي رکڻ سنت آهي،


 

 



[1]... مناقب امام اعظم، ص:54۔

[2]...  البدور السافرہ، صفحہ:169-170، حدیث:364۔

[3]... مشکاۃ المصابیح، کتاب الایمان، جز:1، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[4]... مشکاۃ المصابیح، کتاب الایمان، جز:1، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:176۔