Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

هونئن جيڪڏهن اسان جي اَڄڪلھ جي ماحول جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هي به وڏي ڪمال جو حلم آهي، ايتري برداشت جنهن جو مظاهرو حضرت اَحۡنَف   رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيو آهي. ان جو 10 فيصد حصو به اسان کي نصيب ٿي وڃي ته اسان جي مُعاشري ۾ اَمن قائم ٿي سگهي ٿو، گهرن جو ماحول سُڪون وارو ٿي سگهي ٿو، دلين ۾ محبتون وڌي سگهن ٿيون پر جيڪا حيراني جي ڳالھ آهي. اها هن کان اڳتي آهي. ٻڌو! هي حضرت احۡنَف بن قيس  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جي حلم جو هڪ اعليٰ مثال هو، کائنس ڪنهن پڇيو: توهان هي حِلم ڪٿان سکيو؟ ايتري برداشت اوهان ۾ ڪيئن آئي؟ فرمايائون: هي صحابي رسول قيس بن عاصِم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي صحبت جو فيضان آهي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ نهايت بردبار هئا، هڪ ڀيرو مون کين ڏٺو ته پنهنجي گهر جي ٻاهر تشريف فرما هئا، ماڻهو سندن آسپاس جمع هئا ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ماڻهن سان گفتگو ڪري رهيا هئا، اوچتو ڪجھ ماڻهو سندن وٽ حاضر ٿيا، اُنهن وٽ هڪ نوجوان جي لاش هئي(يعني هڪ ميّت کي انهن ڪلهن تي کڻي رکيو هو) گڏوگڏ هڪ ٻيو نوجوان هو، جنهن جا هٿ ٻڌل هئا. هاڻي برداشت جو عالم ڏسو. حضرت قيس بن عاصِم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابي رسول آهن. ماڻهن اچي عرض ڪيو: حضور! هي جيڪا ميت اسان وٽ آهي، هي ڪنهن ٻي جي نه بلڪ اوهان جي پنهنجي پٽ جي آهي ۽ هي شخص جنهن جا هٿ ٻڌل آهن، هي اوهان جو ڀائيٽيو آهي، اوهان جي هن ڀائيٽي، اوهان جي جوان پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. 

 حضرت اَحنَف بن قيس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت قيس بن عاصِم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جڏهن هي ڳالھ ٻڌي ته اهڙو ڪمال جو حلۡم هو، اهڙي ڪمال جي قوّت برداشت هئي، پاڻ پنهنجي جڳھ کان اٿيا به نه، جيڪا ڳالھ پاڻ ماڻهن سان ڪري رهيا هئا (ظاهر آهي صحابي رسول آهن، ڪا حديث پاڪ ٻڌائي رهيا هوندا، ڪو ديني مسئلو سمجهائي رهيا هوندا ته) پاڻ اها ڳالھ به وچ ۾ نه ڇڏي، پوري ڪئي. پوءِ پنهنجي ٻي پٽ جي طرف رُخ ڪيو، فرمايائون: پنهنجي ڀاءَ جي تجهيز و تڪفين جي تياري ڪيو! پوءِ پنهنجي ڀائيٽي جي طرف رُخ ڪيو(اهو ڀائيٽيو،