Share this link via
Personality Websites!
441826
7757
یَوْمَ تَجِدُ کُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ مِنْ خَیْرٍ مُّحْضَرًا ۚۖۛ وَّ مَا عَمِلَتْ مِنْ سُوْٓءٍ ۚۛ تَوَدُّ لَوْ اَنَّ بَیْنَہَا وَ بَیْنَہٗۤ اَمَدًۢا بَعِیْدًا ؕ وَ یُحَذِّرُکُمُ اللّٰہُ نَفْسَہٗ ؕ وَ اللّٰہُ رَءُوْفٌۢ بِالْعِبَادِ (۳۰)
ترجمو ڪنزُ العرفان: (ياد ڪيو) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجا تمام سٺا ۽ خراب عمل پنهنجي سامهون موجود ڏسندو ته خواهش ڪندو ته ڪاش ان جي وچ ۾ ۽ ان جي عملن جي وچ ۾ ڪو وڏو فاصلو (حائل) ٿي وڃي ۽ الله توهان کي پنهنجي عذاب کان ڊيڄاري ٿو ۽ الله تي وڏو مهربان آهي.
(سيپارو: 3، سورة آل عمران: 30)
هي آيت ڪريمه ٻڌي ڪري عبدُالملڪ بن مروان تي خوفِ خُدا جو غلبو ٿي ويو: چيائين: اي منصور! تو مون کي ماري ڇڏيو هي چوندي ئي بيهوش ٿي ڪِري پيا. پوءِ جڏهن افاقو ٿيو ته چيائين: اي منصور! الله پاڪ جو فرمان آهي:
وَ یُحَذِّرُکُمُ اللّٰہُ نَفْسَہٗ ؕ
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ الله توهان کي پنهنجي عذاب کان ڊيڄاري ٿو
(سيپارو: 3، سورة آل عمران: 30)
هن جو ڇا مطلب آهي؟ فرمايائون هن جو مطلب اهو آهي ته الله پاڪ توهان کي پنهنجي پڪڙ ۽ عذاب کان ڊيڄاري ٿو. هي ٻڌي ڪري عبدُالملڪ بن مروان وري ٻيهر روئڻ شروع ڪري ڏنو. پوءِ جڏهن افاقو ٿيو ته پڇيائين: الله پاڪ جو فرمان آهي:
یَوْمَ تَجِدُ کُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ مِنْ خَیْرٍ مُّحْضَرًا ۚۖۛ وَّ مَا عَمِلَتْ مِنْ سُوْٓءٍ ۚۛ
ترجموڪنزُالعرفان: پنهنجا تمام سٺا ۽ خراب عمل پنهنجي سامهون موجود ڏسندو.
(سيپارو: 3، سورة آلِ عمران: 30)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami