Share this link via
Personality Websites!
چراغان جو عرف(يعني معمول) نه هجي ته ان ڪم جي لاءِ الڳ کان چندو ڪري 12 ڏينهن تائين چراغا ڪري سگهجي ٿو. سڄي علائقي کي ساون ساون جهنڊن ۽ رنگ برنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. ممڪن هجي ته مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي واٽهڙن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي حقوقِ عامه ضايع ڪرڻ کان بغير فضا ۾ لڙڪندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا وڏا جهنڊا لهرايو، وچ رستي تي جهنڊا نه هڻو جو ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، خبردار! گهٽيءَ وغيره ۾ ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿيڻ ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب ٿئي. (ياد رهي! انهن سجاوٽن جي لاءِ به بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي، لهٰذا هن سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪرڻ واري اداري سان رابطو ڪري جائز ترڪيب بڻايو.)
ایک مشرق، ایک مغرب، ایک بامِ کعبہ پر نَصب پرچم ہوگیا، اَھْلاً وَّ سَھْلاً مرحبا
(وسائل بخشش ص345)
7 هر اسلامي ڀاءُ طاقت آهر مڪتبة المدينه جا ديني رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ ميلاد جي جلوس ۾ ورهايو. اهڙي طرح سڄو سال دڪانن وغيره تي”تقسيمِ رسائل“ جو اهتمام فرمائي ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايوـ شادي غمي جي موقعن تي ۽ مرحومن جي ايصال ثواب جي خاطر به ”تقسيمِ رسائل“ جي ترڪيب ڪيو ۽ ٻين مسلمانن کي به ان جي ترغيب ڏياريوـ ۽ سڀئي هفتيوار رسالا پڙهڻ يا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيو، ۽ هرسال ويتر 12 مهينن جي لاءِ”ماهنامه فيضانِ مدينه“ جي بڪنڪ ڪرايو.
چار سُو رحمتوں کی ہوائیں چلیں، ہو گئی جس سے ساری فضا دل نشیں مسکراؤ سبھی آ گئے ہیں نبی، غم کے مارو تمہاری خوشی کے لیے
(وسائل بخشش ص345)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami