Share this link via
Personality Websites!
مسلمانو رسول اللہ کی الفت اگر چاہو کرو اس کی غلامی جس کا ہر مومن ہوا بندہ([1])
حضرت مَجمَع رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي هڪ ڀيرو حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ حاضري جي سعادت ملي، مان اُن کان واقعه جُمُل (يعني اهو واقعو جنهن ۾ حضرت عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ موليٰ علي جو اختلاف ٿيو هو، اُن) جي باري ۾ پڇيو ته فرمايائون: : کَانَتْ قَدْرًا مِنَ اللہِ يعني اها الله پاڪ جي لکيل تقدير هئي. پوءِ فرمايائون: سيده فاطمه ۽ سندن مڙس(يعني حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه ) پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڀني کان وڌيڪ محبوب هئا.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي...!! هونئن ته سڀني کان افضل صحابي پهريان خليفه حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن پر اهل بيتِ اطهار ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سڀني کان محبوب ۽ پيارا موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه هئا. الله پاڪ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي.
علی المرتضیٰ شیرِ خُدا ہیں کہ ان سے خوش حبیبِ کبریا ہیں
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ فِڪر آخرت
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت موليٰ علي، شير خُدا، علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه علم و عَمَل ۾ نهايت بلند مقام رکن ٿا، علم ۾ اهڙا باڪمال هئا جو پياري آقا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami