Share this link via
Personality Websites!
بنادے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ گناہوں سے ہر دَم بچا یاالٰہی!
عِبادت میں گُزرے مری زندگانی کَرم ہو کَرم یاخدا! یاالٰہی!([1])
سُبحٰن الله! هي آهي قرآنِ ڪريم جي تاثير...!! هي پاڪيزه ڪتاب هدايت جو ڪتاب آهي، جيڪو خوش نصيب هن کي پڙهي، هن کي سچي دل سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، ان جي لاءِ هدايت جا دروازا کُلي ويندا آهن.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مطلب ته هي الله پاڪ جو ڪلام آهي، هن جي صرف هڪ تاثير ناهي، ڪيئي طرح جون تاثيرون آهن، قرآنِ ڪريم جا ڪيئي نالا آهن ۽ هي نالا به ان جي مختلف تاثيرن جي لحاظ سان آهن. مثال طور قرآنِ ڪريم جو هڪ نالو حِڪمت آهي، يعني هي اهو ڪتاب آهي جنهن کي پڙهڻ سان حڪمت ۽ دانائي ملندي آهي. قرآنِ ڪريم جو هڪ نالو صراطِ مُستقيم آهي، يعني هي اهو ڪتاب آهي جيڪو ڀٽڪيلن کي سڌي واٽ جو مسافر بڻائي ڇڏيندو آهي. قرآنِ پاڪ جو هڪ نالو نُور آهي، يعني هي اهو عظيم ڪتاب آهي جيڪو نور ورهائيندو ۽ دلين کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي.
هڪ صحابيءِ رسول آهن: حضرت ثابت بن قَيس رَضِىَ اللهُ عَنْه. رات جي وقت انهن جو گهر ائين چمڪندو هو جيئن ڏيئو روشن هجي (ظاهر آهي ان دور ۾ لائٽ ۽ بجلي جو انتظام ته نه هو، رات جي وقت اونداهي هوندي هئي پر حضرت ثابت بن قَيس رَضِىَ اللهُ عَنْه جو گهر مبارڪ رات جو چمڪندو رهندو هو) ماڻهن آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ ان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami