Share this link via
Personality Websites!
اهڙيءَ طرح قرآنِ پاڪ جي تلاوت به شعبانُ المعظم جي اهم عبادت آهي بلڪه روايتن ۾ شعبانُ المعظم جو نالو ئي ”شَہْرُ الْقُرْآن“ (يعني تلاوتِ قرآن جو مهينو) رکيو ويو آهي، هڪ روايت ۾ آهي: شعبانُ المعظم الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي ربَّ تو مون کي 2 عظمتن وارن مهينن (رجب ۽ رمضان) جي وچ ۾ رکيو آهي، منهنجي لاءِ ڇا آهي؟ فرمايو: مون تو ۾ تلاوتِ قرآن رکي ڇڏي آهي. [1] * روايت ۾ آهي: صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو معمول هو جيئن ئي شعبانُ المعظم جي آمد ٿيندي هئي پوري توجھ سان تلاوتِ قرآن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. [2] ڇو جو شعبان جو مهينو شَہْرُ الْقُرْآن (يعني تلاوتِ قرآن جو مهينو) به آهي.
ڪاش! اسان کي به توفيق ملي، اسان به هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت رہوں بَاوُضو میں سدا یاالٰہی! ([3])
شعبانُ المعظم جي ٽئين اهم عبادت نفلي روزو آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضانُ المبارڪ کان بعد سڀني کان وڌيڪ شعبانُ المعظم ۾ روزا رکڻ پسند فرمائيندا هئا. مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami