Share this link via
Personality Websites!
علامه
ابنِ حجر هَيتَمي شافِعي رَحْمَةُ
اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو سڄي
رات عبادت ڪرڻ ۽ تهجد پڙهڻ تَواتُر کان ثابت آهي ۽ اها ئي وجھ آهي جو ڪثرتِ قيام
جي وجھ سان سندن کي اَلۡوَتَد يعني ميخ (ڪِلو) چيو
ويندو هو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 30
سال تائين هڪ رڪعت ۾ مڪمل قرآن پڙهندا رهيا ۽ پاڻرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40
سال تائين عشا جي وضو سان فجر جي نماز پڙهي[1] * هڪ ڀيري
حضرت عبدُ الله بن مبارڪ رَحْمَةُ
اللهِ عَلَيْه جي سامهون ڪنهن شخص امامِ اعظم
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي
غيبت ڪئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو:
توتي افسوس آهي جو تون هڪ اهڙي شخص جي غيبت ڪري رهيو آهين جنهن 45 سال تائين هڪ
وضو سان پنج وقت نماز پڙهي ۽ هڪ رڪعت ۾ قرآنِ پاڪ ختم فرمائيندا هئا ۽ جيڪو به مون
کي فقه جو علم آهي، اهو سڀ مون انهن کان حاصل ڪيو آهي.
[2]
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڄي
رات هڪ ئي رڪعت ۾ قرآن شريف پڙهندا هئا ۽ خوفِ خُدا کان ايتري قدر روئيندا هئا جو
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي
پاڙيوارن کي پاڻ تي رحم اچڻ لڳندو هو.[3]
الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان عبادت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. الحمد الله! شعبانُ المعظم تشريف آڻي چڪو آهي ۽ اسان ان جي بابرڪت گهڙين ۾ ساھ کڻڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون. شعبانُ المُعظم نهايت عظمت وارو مهينو آهي، هن ۾ خير ۽ برڪت جي برسات ٿيندي آهي. طيب ۽ طاهر نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: شَعْبَانُ الْمُطَہِّرُ وَرَمَضَانُ الْمُکَفِّرُ شعبان پاڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami