Share this link via
Personality Websites!
آهن.[1] اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇاته خوب فرمايو آهي:
شافعی مالک احمد امامِ حَنیف چار باغِ امامت پہ لاکھوں سلام([2])
وضاحت: فقه جا چارئي آئمه ڪرام: (1) امام شافعي (2) عالمِ مدينه امام مالڪ (3) امام احمد بن حنبل ۽ (4) امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم، امامت جي انهن چئن ئي باغن تي مهڪندڙ درود و سلام جا گل نڇاور ٿين.
امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو علمي شان
حضرت اَزۡهَر بن ڪيسان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن
ٿا: هڪ ڀيري منهنجي قسمت جو تارو چمڪيو، مون کي خواب ۾
نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، شيخين ڪريمين يعني حضرت
ابوبڪر ۽ عمر فاروق
رَضِىَ
اللهُ عَنْهما به گڏ هئا، مون حضرت ابوبڪر ۽ عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي خِدمت ۾ عرض ڪيو: مان رسولِ ذيشان، مڪي
مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ڪجھ پڇڻ چاهيان ٿو؟ فرمايائون: پڇو پر
آواز هلڪو رکجو. جيئن ته مون اَدب سان بارگاھِ
رسالت ۾ عرض ڪيو: (يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ !) ابوحنيفه جي علم جي متعلق ڇا
ٿا فرمايو؟ فرمايائون: ہٰذَا عِلْمٌ اِنْفَتَحِ
مِنْ عِلْمِ خِضْر يعني ابو حنيفه جو علم اهو آهي جيڪو حضرت
خضر عَـلَيْـهِ
الـسَّـلاَم جي علم مان ڦٽي
نڪتو آهي.[3]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي اسان جي امام، امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو...!! حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام جو علم ڪهڙو آهي؟ هي به ٻڌي وٺو! الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ عَلَّمۡنٰہُ مِنۡ لَّدُنَّا عِلۡمًا (۶۵)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان کي پنهنجو علمِ لَدُنّي عطا فرمايو. (پارہ:15، اَلْکَہْف:65)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami