Share this link via
Personality Websites!
پنهنجو مٿو ربّ جي حضور ۾ جهڪائي ڇڏيون * ان جو شڪر ادا ڪيون ۽ شڪر سان ئي خوشي ملهايون. ڏسو! قارون کي مال مليو، هي الله پاڪ جو انعام هيو پر هي بدبخت* مغرور ٿي ويو* بطور فخر* بطور تڪبّر خوش ٿيو * ان آڪڙ ڪئي، پوءِ ان جو نتيجو ڇا نڪتو، هُو بدبخت پنهنجي خزانن سميت زمين ۾ دٻايو ويو.
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم ۾ هڪ عبرتناڪ واقعو بيان ٿيو آهي. مان تفسيرن جي روشني ۾ مختصر طور اهو واقعو عرض ڪيان ٿو. جيئن ته واقعو هيئن آهي ته 2 شخص هئا، هڪ ڪافر هو ۽ ٻيو مسلمان هو. جيڪو ڪافر هو، اهو نهايت مالدار هو، ان وٽ کجورن جا 2 باغ هئا، ان ۾ انگورن جون وليون به هيون ۽ زمين ۾ ان فصل به پوکي رکيو هو، يعني 2 باغ هئا ۽ ٻنهي باغن ۾ 3 قسم جي پيدار هئي: (1) ان ۾ کجورون به هيون (2) انگور به هئا (3) ۽ فصل (مثلاً اناج وغيره) به هيو. اُن تي هڪ ٻي نعمت جو انهن باغن جي وچ مان نهر(شاخ) به وهندي هئي، يعني ان جو خرچ نه هجڻ جي برابر هو، پاڻي به خريدڻو نه پوندو هو ۽ پيداوار 3 قسم جي هئي، وري پاڻي پورو پورو ملڻ جي ڪري ٻئي باغ تروتازه به هئا، تنهنڪري کجورون به خوب ڪثرت سان ٿيون، انگور به گهڻي مقدار ۾ ٿيا ۽ فصل به خوب لٿو، پوءِ ان سان گڏوگڏ هن ڪافر کي ٻيو به گهڻو ڪجھ مال و دولت ڏنو ويو هو، ان وٽ سون به هو، چاندي به هئي ۽ ٻيو به تمام گهڻو سامان هو.
هاڻي ايترو مال هجڻ جي ڪري اهو مغرور ٿي ويو، فخر و تڪبر ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ٻيو شخص جيڪو مسلمان هو ۽ غريب به هو، اهو مالدار شخص غرور ڪندي هن مسلمان کي چوڻ لڳو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami