Share this link via
Personality Websites!
بدن جو بگڙجڻ ۽ سفيد داغ آهن۔[1] * الله پاڪ اسان کي خوب صدقو ۽ خيرات ڪرڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
بني اسرائيل جي نيڪ مسلمانن قارون کي ٽين نصيحت ڪندي چيو:
وَ لَا تَنْسَ نَصِیْبَكَ مِنَ الدُّنْیَا
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ دنيا مان پنهنجو حصو نه وسار.[2]
هن آيت ڪريمه ۾ فرمايو ويو ته دنيا مان پنهنجو حِصّو نه وسار...!! هن مان ڇا مراد آهي؟ هن حوالي سان هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: هن مان مراد ڪفن آهي:[3]
الله اڪبر! هن دنيا مان اسان جو حِصّو صرف ڪفن جون 2 چادرون آهن * اسان سڄي زندگي ڪمائيندا رهون * ڪارون به خريديون * ڪوٺيون* بنگلا به بڻائي ورتا * اربين کربين روپيه به جمع ڪري ورتا * هزارين ميڊل به اسان وٽ جمع آهن * دنيا جي هر طرح جي نعمت اسان وٽ آهي پر اسان هن دنيا مان ڇا گڏ کڻي وينداسين؟ صرف ڪفن جون 2 چادرون ٻيو ڪجھ نه...!! هڪ عربي شاعر چئي ٿو:
نَصِیْبُکَ مِمَّا تَجْمَعُ الدَّھْرَ کُلَّہٗ رِدَااٰنِ تُلْویٰ فِیْہِمَا وَ حَنُوْط([4])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami