Share this link via
Personality Websites!
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ جي ڪيتري ڪرم نوازي آهي، مال به ان جو، ڏنو به ان، جيڪڏهن اسان انهيءَ جي راھ ۾ خرچ ڪريون مال به محفوظ، ثواب به ايترو جو ڳڻپ ۽ حساب ۾ نه اچي سگھي.
پيارا اسلامي ڀائرو! * صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظيم سُنت آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جود و سخاوت جي در تان ڪو سوالي خالي نه ويندو هو.[1] * صَدَقو گناهن کي ايئن مٽائي ٿو جيئن پاڻي باھ کي وسائيندو آهي. [2] * صَدَقو جهنّم جي باھ کي وسائيندو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطِر صَدَقو ڪري ته اهو صدقو ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي.[3] * صَدَقو الله پاڪ جي غَضَب کي وسائيندو ۽ بُري موت کي دَفْعَ (يعني پري)ڪندو آهي.[4] * صَدَقو ڪرڻ وارو قيامَت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانو ۾ هوندو.[5] * صَدَقو بُرائي جا 70دروازا بند ڪندو آهي۔[6] صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائيندو آهي۔[7] * مسلمان جو صَدَقو ان جي عمر کي وڌائيندو آهي۔[8] * صَدَقو 70 قِسم جي بلائن کي روڪيندو آهي جن مان سڀني کان گهٽ
[1] فیضانِ سخی سرور،صفحہ:6۔
[2] ابنِ ماجہ ، كتاب الفتن ،باب كف اللسان فى الفتنہ ،صفحہ:640 ، حديث:3973 ۔
[3]معجمِ كبير،جلد:10 ،صفحہ:409 ،حديث:20584۔۔
[4] ترمذى، کتاب الزكاة، باب ما جاء فى فضل الصدقہ،صفحہ:189،حديث:664 ۔
[5] مشکاة المصابیح، کتاب الزكاة، باب الانفاق وکراهیہ ...الخ، جلد:1،صفحہ:359 ،حدیث:1887۔
[6] سننِ کبری للبیہقی،کتاب الزكاة ، باب التحریض علی...الخ ،جلد:4 ،صفحہ:479 ،حديث:7751۔
[7] شُعبُ الْاِیْمَان، باب:الزکاۃ، جلد:3، صفحہ:212، حدیث:3347
[8] معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:440، حدیث:13508
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami