Share this link via
Personality Websites!
یٰلَیْتَنِیْ قَدَّمْتُ لِحَیَاتِیْۚ(۲۴)
ترجموڪنزالعرفان: اي ڪاش! جو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ (ڪا نيڪي) اڳتي موڪلي هجي ها.
انهيءَ ڪري هاڻي به وقت آهي، اسان اڃان به زندھ آهيون، اسان هن خوبصورت نصيحت کي قبول ڪري وٺون.
وَ ابْتَغِ فِیْمَاۤ اٰتٰىكَ اللّٰهُ الدَّارَ الْاٰخِرَةَ
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو مال توکي الله ڏنو آهي ان جي ذريعي آخرت جو گهر طلب ڪر.[1]
۽ دنيا جا نه، آخرت جا طلبگار بڻجي وڃون، الله پاڪ اسان کي جيڪو ڪجھ عطا فرمايو آهي، ان جي ذريعي دنيا نه بلڪ آخرت طلب ڪيون.
حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا ولي ٿي گذريا آهن، هڪ ڀيري بصره جي هڪ محلي ۾ هڪ زيرِ تعمير عاليشان محل جي اندر داخل ٿيا، ڇا ڏٺائون ته هڪ حسين نوجوان مزدورن، مسترين ۽ ڪم ڪرڻ وارن کي وڏي توجهه سان هر هر ڪم جي هدايت ڏئي رهيو آهي. حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن پنهنجي رفيق حضرت سيدنا جعفر بن سليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان فرمايو: ملاحظه فرمايو ته نوجوان محل جي تعمير ۽ تزئين (يعني زيب و زينت) جي معاملي ۾ ڪيتري قدر دلچسپي رکي ٿو مون کي ان جي حال تي رحم اچي رهيو آهي مان چاهيان ٿو ته الله تعالٰي کان دعا گهران ته ان کي هن حال کان نجات ڏئي، ڪهڙي خبر جو هي جنت جي جوانن مان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami