Share this link via
Personality Websites!
غرور نه بلڪ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو...!!
پر ان غير مسلم مالدار تي دولت جو نشو چڙهيل هو، هُو غرور تڪبر ۽ فخر ۽ وڏائي ۾ مبتلا هو، پوءِ ان جي فخر و تڪبر جو نتيجو ڇا نڪتو...!! اُن تي الله پاڪ جو عذاب آيو، ان جا لهرائيندڙ، گهاٽا، سرسبز باغ سڀئي تباھ ٿي ويا، ان جي ٻي مال ۽ اسباب تي به عذاب نازل ٿيو، ان جو سڀ ڪجھ برباد ٿي ويو، هاڻي هو هٿ مليندي رهجي ويو ۽ غريب مسلمان جي نصيحت کي ياد ڪندي چئي رهيو هو:
یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُشْرِكْ بِرَبِّیْۤ اَحَدًا(۴۲)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ڪاش! مون پنهنجي ربّ سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو هجي ها. [1]
ڪاش! مون پنهنجي ربّ سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو هجي ها.....!! ڪاش! مان ان مسلمان جي نصيحت مڃي وٺان ها.....!![2] پر
اب کیا ہوت، جب چڑیا چگ گئیں کھیت
الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَمْ تَکُنْ لَّہٗ فِئَۃٌ یَّنْصُرُوْنَہٗ مِنْ دُوْنِ اللّٰہِ وَ مَا کَانَ مُنْتَصِرًا (ؕ۴۳) ھُنَالِکَ الْوَلَایَۃُ لِلّٰہِ الْحَقِّ ؕ ہُوَ خَیْرٌ ثَوَابًا وَّ خَیْرٌ عُقْبًا (۴۴)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان وٽ ڪا جماعت نه هئي جيڪا الله جي اڳيان ان جي مدد ڪري ها ۽ نه ئي اهو پاڻ بدلو وٺڻ جي قابل هو. هتان پتو پيو ته سمورو اختيار سچي الله جي ئي لاءِ آهي.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami