Share this link via
Personality Websites!
رحمت آهي. اُن سلسلي ۾ هڪ ايمان اَفروز روايت ٻڌو! منقول آهي: ٻه ملائڪَ هئا، هڪ ملائڪ آسمان کان زمين تي اچي رهيو هو، ٻيو ملائڪ زمين کان آسمان ڏانهن وڃي رهيو هو، ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي، هڪ ملائڪ ٻئي کان پڇيو: توهان ڪٿان کان اچي رهيا آهيو؟ ٻئي چيو: فلاڻي شهر ۾ هڪ غير مسلم رهندو آهي، اهو سخت بيمار هو، سندس آخري وقت به اچڻ وارو ئي هو، ان غير مُسلم دنيا ۾ جيڪي به نيڪ عمل ڪيا هئا، انهن سڀني جو بدلو ان کي دنيا ۾ ئي ڏنو ويو هو (ان ڪري هن لاءِ آخرت ۾ ڪابه چڱائي باقي نه رهي هئي جنهن جي بدلي ۾ هن کي قيامت جي ڏينهن ڪا نعمت ملي.) ها! رڳو هڪ چڱائي باقي هئي. زندگيءَ جي ان آخري گهڙين ۾ ان غير مسلم کي مڇي کائڻ جي خواهش ٿي، تنهنڪري مڇيءَ جي ڳولا ڪئي وئي پر سڄي شهر ۾ ڪٿي به مڇي نه ملي، مونکي الله پاڪ حڪم ڏنو ته هن لاءِ مڇيءَ جو بندوبست ڪريان ته جيئن ان جي اها جيڪا هڪ چڱائي باقي آهي، ان جو به بدلو هن دنيا ۾ ئي ٿي وڃي، (۽ هو آخرت لاءِ بلڪل بيوس ۽ خالي هٿ رهجي وڃي) جيئن ته مان ان غير مسلم لاءِ مڇيءَ جو بندوبست ڪرڻ ويو هيس. ان ملائڪ پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ کانپوءِ ٻئي کان پڇيو: توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ چيائين: فلاڻي شهر ۾ هڪ مسلمان آهي، ان جو به آخري وقت آهي، ان جا جيڪي به گناھ هئا، انهن سڀني جي بدلي هن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، هاڻي هن جي اعمالنامي ۾ ڪوبه گناهه باقي نه بچيو آهي، فقط هڪ گناهه باقي آهي، آخري لمحن ۾ ان کي اُڃ لڳي آهي ۽ هو پاڻي پيئڻ چاهي ٿو، مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته ان جو پاڻي هاري ڇڏيان ته جيئن ان جي آزمائش جي بدلي ان جو آخري گناھ به مٽايو وڃي ۽ هو گناھن کان بلڪل پاڪ ۽ صاف ٿي ڪري دنيا مان رخصت ٿئي......!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami