Share this link via
Personality Websites!
ڇڏيو ويندو جو اهي چون ٿا اسان ”ايمان آندو“ ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو؟
(پارہ:20،العنکبوت:2)
تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: هن واقعي مان معلوم ٿيو ته مسلمانن کان ان جي ايماني طاقت مطابق امتحان وٺڻ، الله پاڪ جو قانون آهي. بيماري، غربت، مفلسي، مصيبتون، اهي سڀ الله جي طرفان اچڻ واريون آزمائشون آهن، جن جي ذريعي مخلص ۽ منافق پڌرا ٿي ويندا آهن. تفسیر صراط الجنان،پارہ:20،سورۂ عنکبوت،زیرِ آیت:2،جلد:7 ،صفحہ:342۔
حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: گهڻو ثواب وڏي مصيبت سان گڏ هوندو آهي، ۽ جڏهن الله پاڪ ڪنهن قوم سان مَحَبّت فرمائيندو آهي ته ان کي آزمائش ۾ مُبتلا ڪندو آهي، سو جيڪو ان تي راضي ٿيو ان جي لاءِ الله پاڪ جي رضا آهي ۽ جيڪو ناراض ٿيو ان جي لاءِ ناراضگي آهي. ابنِ ماجہ، کتاب الفتن، باب الصبر علی البلاء،صفحہ:651،حدیث:4031۔
یہ شہادت گہِ الفت میں قدم رکھنا ہے
لوگ آسان سمجھتے ہیں مسلماں ہونا
وضاحت: يعني مسلمان هجڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي، ڪلمو پڙهي ڪري دائرهءِ اسلام ۾ داخل ٿيڻ جو مطلب آهي ته هاڻي ٻانهو الله پاڪ جي مَحَبّت سان سرشار ٿي ڪري جانثاري جي لاءِ تَن، مَن، ڌن جي بازي لڳائڻ جي لاءِ تيار آهي.
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ وضاحت ڪري ڇڏيان: دنيا ۾ ايمان وارن تي جيڪي مشڪلاتون ۽ آزمائشون اينديون آهن، اها به اصل ۾ الله پاڪ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami