Share this link via
Personality Websites!
هن واقعي مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي طرفان ايمان وارن تي امتحان ايندا رهندا آهن، ڪامياب مسلمان اهو آهي جيڪو انهن امتحانن ۾ صبر ۽ شڪر سان ٽابت قدم رهي.
هي هڪ وڏو سبق آهي.
اسان مان گھڻا ماڻھو اهو سوچيندا
آھن، ڪڏھن ڪڏھن سوال به ڪندا آھن ته اسين مسلمان آھيون، الله پاڪ
کي مڃون ٿا، ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو
ڪلمو پڙھون ٿا، الله پاڪ جي اڳيان سجدو ڪيون ٿا، ان جي عبادت ڪيون ٿا، ان جي
باوجود اسان آزمائشن ۾ آهيون، مسلمانن ۾ غربت به آهي، تنگدستي به آهي، آزمائشون به
آهن، هن وقت سڄي دنيا ۾ مسلمان مختلف قِسمن جي مشڪلاتن جو به
شڪار آهن جڏهن ته غير مسلمن جا حالات اسان جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا بهتر
آهن، اهي امير به آهن، انهن جون وڏيون وڏيون عمارتون به آهن، انهن وٽ خوشحالي به آهي،
سڀ ڪجھ آهي. آخر ائين ڇو؟ ان جو نهايت آسان جواب آهي، حديث شريف ۾ فرمايو ويو:
اَلدُّنْیَا سِجْنُ الْمُؤْمِن وَ جَنَّۃُ الْکَافِر دنيا
مسلمانن جي لاءِ قيد خانو جڏهن ته ڪافرن جي لاءِ جنّت آهي. مسلم،کتاب الزہد و الرقائق،صفحہ:1133،حدیث:2956۔
هاڻي پاڻ غور فرمايو: قيد خاني ۾ ڇا هوندو آهي؟ آزمائشون، مشڪلاتون، تنگدستيون ئي هونديون آهن. لهذا اسان مسلمان آهيون ته هن دنيا ۾ اسان تي آزمائشون اينديون ئي اينديون.
ماڻهو آسان سمجهن ٿا مسلمان ٿيڻ
اَحَسِبَ النَّاسُ اَنۡ یُّتۡرَکُوۡۤا اَنۡ یَّقُوۡلُوۡۤا اٰمَنَّا وَ ہُمۡ لَا یُفۡتَنُوۡنَ (۲)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا ماڻهن اهو سمجهيو آهي ته انهن کي فقط ايتري ڳالهه تي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami