Share this link via
Personality Websites!
هاڻي بادشاھه کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سندس خدائي جي ڪوڙي دعوا جو راز کُلي چڪو هو، ماڻهو کيس ڇڏي ڪري الله واحد ۽ يڪتا، هڪ حقيقي خُدا تي ايمان آڻي چُڪا هئا. تنهنڪري بادشاھ ڪاوڙ ۾ اچي ڪري حڪم ڏنو: گهٽين جي ڪنارن تي کڏا کوٽي ڪري انهن ۾ باھ ٻاري وڃي، بادشاھه جو حڪم پورو ڪيو ويو، ھاڻي بادشاھه حڪم جاري ڪيو ته جيڪو به پنھنجي دين کان ڦري ڪري مون کي خدا نه مڃي، تنھن کي باھ ۾ اڇلايو وڃي. بادشاھه جو اھو حڪم به پورو ڪيو ويو، ماڻھن کي ان باھ ۾ وِڌو وڃڻ لڳو، ايتري ۾ هڪ عورت آئي، جنهن جي هنج ۾ هڪ ننڍڙو ٻار هو، ان مومنه عورت کي ڪنهن به قِسم جو خطرو نه هو، پر ماءُ جي محبت کي جوش اچي ويو ۽ اها ماءُ پنهنجي ٻار کي ڏسي ڪري ٿورو ترسي (باھ ۾ ٽَپُ ڏيڻ کان ٿورو بيهي وئي) ان تي ان ٻار چيو: ماءُ! صبر ڪر...!! تون فڪر نه ڪر، بيشڪ تون سچي دين تي آهين. مسلم،کتاب الزہد و الرقاق ،باب قصۃ اصحاب الاخدود...الخ،صفحہ:1145 ،حدیث:3005خلاصۃً۔ پوءِ ان ٻار ۽ سندس ماءُ کي به باهه ۾ اڇلايو ويو. تفسیر صراط الجنان،پارہ:30،سورۂ بُرُوج،زیرِ آیت:4-7،جلد:10،صفحہ:605۔
روايتن جي مطابق ظالم بادشاھ جي ان ظلم تي الله پاڪ جو غضب جوش ۾ اچي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها ئي باھ جيڪا بادشاھ ايمان وارن کي ساڙڻ جي لاءِ لڳائي هئي، اها باھ کڏن جي ڪنارن کان نڪتي ۽ انهن ظالمن کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. تفسیربغوی،پارہ:30،سورۂ بُرُوج،زیرِ آیت:5 ،جلد:4،صفحہ:590خلاصۃً۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي هڪ قرآني واقعو اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن واقعي مان اسان کي کوڙ ڳالهيون سکڻ جي لاءِ ملن ٿيون. مثلاً
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami