Share this link via
Personality Websites!
کي ڪير خدا مڃي ها، تنهنڪري بادشاهه ان وليُّ الله کي قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر
فانُوس بن کے جس کی حفاظت ہَوا کرے
وہ شمع کیا بجھے جسے روشن خُدا کرے
بادشاهه کوڙ ڪوششون ڪيون، ڪڏهن ان کي جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها به ناڪام ٿي، ڪڏهن ان کي سمنڊ جي وچ ۾ اڇلائي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اها به ناڪام ٿي، آخرڪار هن ڪامل ولي پاڻ ئي فرمايو: اي بادشاهه! جيڪڏھن توھان مون کي شهيد ئي ڪرڻ چاھيو ٿا ته ان جو ھڪڙو رستو آھي، سڀني ماڻھن کي کُليل ميدان ۾ گڏ ڪيو! مون کي کجيءَ جي ٿُڙ سان ٻَڌي ڇڏيو ۽ بِسْمِ اللہِ رَبِّ الْغُلَام چئي ڪري مونکي تيرَ هڻو!
بادشاهه اهو طريقو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، فوراً ماڻهن کي گڏ ڪيو ويو، هڪ کليل ميدان ۾ کجيءَ جو ٿُڙُ پوکي ڪري ان سان وليُ الله کي ٻَڌو ويو، هاڻي بادشاھ تيرُ ڪماڻ ۾ وڌو، ان کي ڇِڪيائين ۽ چيائين: بِسْمِ اللہِ رَبِّ الْغُلَام الله پاڪ جي نالي سان جيڪو هن نوجوان جو ربّ آهي. هي چئي ڪري بادشاهه تير هلايو، تير ان ڪامل ولي جي نرڙ ۾ لڳو ۽ سندن روح پرواز ڪري ويو.
جڏهن ماڻهن اهو ماجرو ڏٺو ته اهو بادشاھ جيڪو پاڻ کي خُدا سمجهي ٿو، ان جون تمام ڪوششون ناڪام ٿي ويون، آخر ڪار ان نوجوان جي ربّ جو ئي نالو ڪم آيو ته اهي سمجهي ويا ته سچو خُدا هي بادشاھ نه بلڪه ان نوجوان جو ربّ آهي، بهرحال سڀني ڪلمو پڙهيو ۽ سچي دين جا پيروڪار ٿي ويا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami