Share this link via
Personality Websites!
قُتِلَ اَصۡحٰبُ الۡاُخۡدُوۡدِ ۙ(۴) النَّارِ ذَاتِ الۡوَقُوۡدِ ۙ(۵) اِذۡ ہُمۡ عَلَیۡہَا قُعُوۡدٌ ۙ(۶) وَّ ہُمۡ عَلٰی مَا یَفۡعَلُوۡنَ بِالۡمُؤۡمِنِیۡنَ شُہُوۡدٌ ؕ(۷) وَ مَا نَقَمُوۡا مِنۡہُمۡ اِلَّاۤ اَنۡ یُّؤۡمِنُوۡا بِاللّٰہِ الۡعَزِیۡزِ الۡحَمِیۡدِ ۙ(۸)
ترجمو ڪنزالعرفان: کاهي وارن تي لعنت هجي. ڀڙڪندڙ باهه وارا. جڏهن اهي ان جي ڪنارن تي ويٺا هئا. ۽ اهي پاڻ ان تي گواهه آهن جيڪو اهي مسلمانن سان ڪري رهيا هئا. ۽ انهن کي مسلمانن جي طرف کان صرف اها ئي ڳالهه بري لڳي ته انهن ان الله تي ايمان آندو جيڪو گهڻو عزت وارو، هر تعريف جي لائق آهي. (پارہ:30،اَلْبُرُوج:4-8)
هنن آيتن ۾ کاهيءَ وارن ماڻهن جو ذڪر ٿيو؟ اهي ماڻهو ڪير آهن؟ انهن جو واقعو ڇا آهي؟ جنهن جي تفصيل حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب مُسلم شريف ۾ آهي. هڪ ڊگهي حديثِ پاڪ آهي، ان جو مختصر بيان هي آهي ته اڳين قومن ۾ هڪ بادشاهه هو، جيڪو خدا جي دعويٰ ڪندو هو. ماڻهو ان کي پنهنجو خُدا سمجهندا هئا ۽ سندس پوڄا ڪندا هئا. قدرت کي ان قوم جي هدايت منظور ٿي، جيئن ته الله پاڪ هن قوم جي هڪ نوجوان کي هدايت عطا فرمائي، ان نوجوان کي هڪ نيڪ ايماندار ٻانهي جي صحبت ملي وئي، جنهن جي برڪت سان اهو ڪلمو پڙهي ڪري سچي دين جو پيروڪار بڻجي ويو. الله پاڪ ان نوجوان کي بُلند مقام سان نوازيو، ان کي پنهنجي ولايت جو تاج عطا ڪيو ۽ ان جي هٿ تي ڪرامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون. سندس دعائن جي برڪت سان انڌا ۽ ڪوڙهه جا مريض ٺيڪ ٿيڻ لڳا، ٿوري ئي عرصي ۾ سندس شهرت بادشاھ تائين به پهچي وئي. هاڻي ڇا ٿيو، بادشاهه جي اها ڪوڙي خدائي دعوا، ان جو سمورو ڍونگ خطري ۾ پئجي ويو. جيڪڏهن ان وليُّ الله جي دعائن سان نابين ماڻهن کي شفا ملندي رهي ها ته پوءِ بادشاهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami