Share this link via
Personality Websites!
ظلم ڪرڻ کان توبه ڪري ورتي۔ الکبائر،الکبیرۃ السادسۃ و العشرون ظلم،فصل فی الحذر...الخ،صفحہ:80ملتقطًا۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ نهايت ئي خطرناڪ باطني بيماري آهي: قُوت جو نشو. اسان کي هن بيماري کي پنهنجي اندران لازمي ختم ڪرڻ گهرجي ڇو جو ظُلم عام طور اهو ئي ڪندو آهي جنهن کي قُوت ۽ طاقت جو نشو هجي.
تاریخِ اُمَمْ کا یہ پیامِ ازلی ہے اے صاحبِ نظراں! نشۂ قُوَّت ہے خطرناک
هي به ياد رکو! طاقت ۽ قوت جي نشي ۾ طاقت هئڻ ضروري ناهي، ڪڏهن ڪڏهن طاقت ناهي هوندي، ماڻهو پنهنجي گمان ۾ پنهنجو پاڻ کي طاقتور تصور ڪري وٺندا آهن. مولانا رُوم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
نَفْسِ کَسْ رَا فِرْعَوْن نیست لَیْک اُوْ رَا عَوْن کَسْ رَا عَوْن نیست
ترجمو: ڪير آهي جنهن جو نفسِ امّاره فرعون ناهي، ها! مصر جي فرعون کي تخت مليو هو، سڀني کي تخت ناهي ملندو.
اها اصل ڳالهه آهي، جيڪو پنهنجي اندر مان طاقت ۽ قوت جو نشو ختم ڪري ڇڏي، مان، مان نه ڪري، پنهنجي نفس کي قابو ۾ ڪري ڇڏي يا ائين کڻي چئجي ته پنهنجي اندر جي فرعون کي ماري ڇڏي، حقيقت ۾ اهو ماڻهو ظلم کان بچي سگهي ٿو. سماج ۾ غور ڪيو! جيڪو عاجزي وارو هوندو آهي، اهو ڪڏهن به ٻين کي تڪليف ناهي ڏيندو، جيڪڏهن هو ڪنهن کي ڪجهه چئي به ويهي ته جلدي ۾ معافي گهري وٺندو آهي ۽ جيڪو عاجزي وارو ناهي هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڪجھ سمجهندو آهي، اهو ٿوري ٿوري ڳالھ تي وڙهڻ جي لاءِ تيار هوندو آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami