Share this link via
Personality Websites!
حضرت فُضيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو ته ڪُتي ۽ سوئر کي به ناحق ايذاء (يعني تڪليف) ڏيڻ حلال ناهي ته مسلمانن کي ايذاء ڏيڻ ڪيتري قدر بدترين جُرم آهي. تفسیر خزائن العرفان،پارہ:22،سورۂ احزاب،زیرِ آیت:58،صفحہ:789۔
تاجدارِ رِسالت، شهنشاھ نَبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان کي فرمايو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته مفلس ڪير آهي؟ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو؛ يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جنهن شخص وٽ درهم ۽ ٻئي قسم جو مال نه هجي اهو مفلس آهي۔ نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”منهنجي اُمت ۾ سڀ کان وڏو مفلس اهو آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن نماز، روزا ۽ زڪوٰة جهڙيون نيڪيون کڻي ميدان حشر ۾ ايندو پر ان جو حال هي هوندو ته ان دنيا ۾ ڪنهن کي گار ڏني هوندي، ڪنهن تي تهمت لڳائي هوندي، ڪنهن جو مال ناحق کاڌو هوندو، ڪنهن جو رت وهايو هوندو،ڪنهن کي ماريو هوندو، ته اهي سڀ حق وارا پنهنجا پنهنجا حق طلب ڪندا ته اللہ پاڪ ان جي نيڪين مان حق وارن کي انهن جي حق جي برابر نيڪيون ڏياريندو۔ جيڪڏهن ان جي نيڪين مان تمام حق ادا نه ٿي سگھيا بلڪ نيڪيون ختم ٿي ويون ۽ حق باقي رهجي ويا ته اللہ پاڪ حڪم ڪندو ته تمام حق وارن جا گناھ ان جي مٿي تي لڏيو، تنهنڪري اهو سڀ حق وارن جي گناهن کي مٿي تي کڻندو پوءِ جهنم ۾ وڌو ويندو۔
(مسلم،ڪتاب البروالصلة والاداب،باب تحريم الظلم،ص ۱۰۶۹، حديث:۶۵۷۹)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام اهڙو پيارو دين آهي جو ٻين کي مارڻ، گاريون ڏيڻ، ڪنهن جو مال لُٽڻ يا عزّت خراب ڪرڻ ته پَري جي ڳالھ، اسان ڪنهن کي ڪاوڙ ۾ گهوري ڪري ڏسون، اسان جو اسلام اسان کي هن ڳالھ جي به اجازت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami