Share this link via
Personality Websites!
قرآنِ ڪريم ۾ ئي ذڪر فرمائي آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
اِنَّ الَّذِیۡنَ فَتَنُوا الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتِ ثُمَّ لَمۡ یَتُوۡبُوۡا فَلَہُمۡ عَذَابُ جَہَنَّمَ وَ لَہُمۡ عَذَابُ الۡحَرِیۡقِ (ؕ۱۰)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ جن مسلمانن مردن ۽ مسلمان عورتن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪيو پوءِ توبهه نه ڪئي انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ باهه جو عذاب آهي. (پارہ:30، اَلْبُرُوج:10)
معلوم ٿيو: مسلمان کي تڪليف پهچائڻ نهايت سخت گناھ ۽ وڏو جُرم آهي، ان جي سزا تمام خطرناڪ آهي. ڏسو! بادشاھ جيڪو خُدائي دعويٰ ڪندو هو، ان مسلمانن کي ناحق تڪليف پهچائي، انهن کي باھ ۾ ساڙيائين، ان جو نتيجو ڇا نڪتو...؟ الله پاڪ جو قهر ۽ غضب جوش ۾ آيو ۽ بادشاھ ۽ ان جا سپاهي پنهنجي ئي ٻاريل باھ ۾ سڙي خاڪ ٿي ويا.
اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ!الله پاڪ اسان کي اهڙن خطرناڪ جُرمن ۽ اهڙي خوفناڪ سزا کان محفوظ فرمائي.
حقوق العباد! آہ! ہو گا مرا کیا؟ کرم مجھ پہ کر دے کرم یااِلٰہی!
مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے ہو مجھ ناتُواں پر کرم یااِلٰہی!
اي عاشقانِ رسول! نهايت افسوس جي ڳالھ آهي ته اڄڪلھ مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ کي معمولي سمجهيو پيو وڃي، ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي ٻين کي تڪليف پهچائي ڇڏيندا آهن ۽ بلڪل به ناهن ڊڄندا * ڪو چغليون هڻي ٻين کي تڪليف پهچائيندو آهي * ڪو گاريون ڏئي ڪري دل ڏکائيندو آهي * ٻين جي مال تي ناحق قبضا ڪري * بنا قصور ۽ بنا محل ڪاوڙ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami