Share this link via
Personality Websites!
اسلام ڇڏي ڏيو مان توهان ٽنهي کي پنهنجو نياڻو به بڻائيندُس ۽ مسقبل جي بادشاهت به توهان کي ملندي. اهي ٽئي ڀائر هر ڀيري بادشاھ جي آڇ کي ٺُڪرائيندا رهيا.
آخر ٽئين ڏينهن بادشاھ وڏي ڀاءُ کي گهرايو، هڪ ڀيرو ٻيهر اها ئي آڇ ڪئي، جڏهن ان مردِ مجاهد آڇ کي قبول نه ڪيو ته ان کي ٽهڪندي تيل ۾ وڌو ويو، ڏسندي ئي ڏسندي ان جو سمورو گوشت سڙي ويو ۽ هڏيون تيل مٿان ترڻ لڳيون. بادشاھ ٻئي ڀاءُ کي گهرايو، ان کي به آڇ ڪئي وئي، جڏهن ان نه مڃيو ته ان کي به ٽهڪندي تيل ۾ وجهرائي ڇڏيو.
هاڻي ٽئين ۽ سڀني کان آخري ڀاءُ کي آندو ويو، ويجهو هو جو ان کي به ٽهڪندي تيل ۾ وجهي ڪري شهيد ڪيو وڃي ها، ايتري ۾هڪ درٻاري چوڻ لڳو: بادشاھ سلامت! جيڪڏهن مان هن کي ايمان کان ڦيري ڇڏيان ته مون کي ڪهڙو انعام ملندو؟ بادشاھ چيو: مان توکي پنهنجي فوج جو سپه سالار بڻائي ڇڏيندُس. جيئن ته اهو درٻاري ان بهادر نوجوان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ پنهنجي نوجوان حسين ۽ جيمل ڌيءَ کي ان سان گڏ اڪيلائيءَ ۾ ڇڏي ڏنائي.
يعني پهريان مال ۽ دولت جي لالچ ڏئي ڪري ان کان ايمان کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، هاڻي حسن و جمال جو ڄار وڌو پئي ويو پر هي نوجوان الله پاڪ جو نيڪ ۽ حيا وارو ٻانهو هو، 40 ڏينهن بلڪه ان کان به وڌيڪ عرصو اها حسين ۽ جميل ڇوڪري ان سان گڏ رهي پر سندس ڪڏهن به ان کي اک کڻي ڪري نه ڏٺو بلڪه ان جو معمول رهيو ته ڏينهن جو روزو رکندو ۽ رات جو نفل پڙهندو رهندو هو. آخر ڪار ان ڪامل ايمان واري نوجوان جو ڪردار، ثابت قدمي ۽ حيا کي ڏسي ڪري اها ڇوڪري نهايت متاثر ٿي، ان کي ذميداري ڏني وئي هئي ايمان کسڻ جي پر مسلمان نوجوان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami